سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ به حريم شاھ جو ذڪر

0
287

سکر(بيورو رپورٽ) مشھور ٽڪ ٽاڪر حريم شاھ جو ذڪر سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ به ذڪر، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي سينيئر جج جا ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي دلچسپ ۽ مزاحيا جملا، جسٽس عمر سيال ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته حريم شاھ اوھان سان رابطو ڪيو آھي؟ مان گھڻو سپريم ڪورٽ ۾ رھيو آھيان، مون سان حريم شاھ جو رابطو ناھي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل شفيع محمد چانڊيو جو مزاحيا انداز ۾ معزز جج کي جواب، جسٽس عمر سيال چيو ته پوري اسيمبلي ميمبرن جو حوالو حريم شاھ سان اچي رھيو آھي، اِھو سيد ڪير آھي جنھن جو تمام گھڻو چرچو آھي، ايڊووڪيٽ شفيع محمد چانڊيو چيو ته جنھن جون وڌيڪ ڳالھيون ھلن پيون اھو ذوالفقار شاهه آھي، ذوالفقار شاھ وارا خانداني آھن جنھن ترديد به ڪئي آھي، حريم شاھ جي ذڪر تي عدالتي ڪمري جو موجود ماڻھو کل کي روڪي نه سگھيا ۽ ٽھڪ ڏيندا رهيا، ايڊووڪيٽ شفيع محمد چانڊيو چيو ته ٽڪ ٽاڪ تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ پابندي عائد ڪئي آھي پر عمل ناھي ٿيو.