ڇاڇرو: مورن ۾ راڻي کيت بيماري، 5 مور مري ويا!!

0
398
ٿر جي علائقن ۾ مور

ڇاڇرو:ٿرپارڪر جو فطري حسن مور پکي راڻي کيت وائرس جو شڪار ٿي ويا، ڳوٺ ڪيسراڙ ۾ 5 مور مري ويا، ڪيترائي بيماري ۾ ورتل آهن. مبارڪ رند سميت ٻين علائقن ۾ به مور پکي وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن. ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽوٽڪن ذريعي مور پکين کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. خطرناڪ وائرس سبب مور پکي اکين جي نور کان محروم ٿي تڙپي تڙپي مرڻ لڳا پر وائلڊلائف کاتي مور پکين کي بچائڻ لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو.