سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي: ڪنهن کي ڪهڙي وزارت ملندي

0
952
سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار بعد وزيرن ۽ صلاحڪارن کي مختلف کاتا الاٽ ڪرڻ جو فيصلو، صوبائي وزير ناصر شاهه کان سڌ سماءَ کاتو واپس وٺي ٻيهر سعيد غني کي ڏيڻ جو فيصلو، سردار شاهه کي ٻيهر تعليم کاتو ملڻ جا امڪان، سهيل سيال کي هٽائي آبپاشي کاتو ڄام خان شورو کي ڏيڻ جو فيصلو، اسماعيل راهو کي هٽائي منظور وساڻ کي زراعت کاتو ڏيڻ جو فيصلو، ضياءُ عباس شاهه کي ورڪس اينڊ سروسز، تيمور ٽالپر کي ٻيلو کاتو، ساجد جوکيو کي سماجي ڀلائي ۽ تنزيلا قمبراڻي کي آءِ ٽي کاتو ملڻ جا امڪان، ارباب لطف الله کي يوٿ افيئرز بابت خصوصي معاون بڻائڻ جو فيصلو، مرتضيٰ وهاب کان ماحوليات کاتو واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيوويو آھي،
سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار سان 3 صوبائي وزير ۽ 2 صلاحڪار آئوٽ ٿيڻ جا امڪان، ذريعن موجب صوبائي وزير سهيل انور سيال، هري رام ڪشوري لال ۽ فراز ڏيرو ڪابينا مان آئوٽ ٿي ويندا، صوبائي صلاحڪار نثار کهرو ۽ مرتضيٰ وهاب به ڪابينا مان آئوٽ ٿيڻ جا امڪان، سنڌ ڪابينا ۾ 4 نوان وزير، 2 خصوصي معاون ۽ 2 صلاحڪار شامل ڪرڻ جو فيصلو، ڪابينا ۾ وزير طور شامل ٿيندڙ نون چهرن ۾ ساجد جوکيو، ڄام خان شورو، ضياءُ عباس شاهه ۽ گيانچند ايسراڻي شامل، منظور وساڻ ۽ شفت شاهه شيرازي کي صلاحڪار بڻائڻ جو فيصلو، تنزيلا قمبراڻي ۽ ارباب لطف الله کي خصوصي معاون بڻائڻ جا امڪان، سنڌ ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ 4 نوان وزير اڄ گورنر هائوس ۾ تقريب دوران حلف کڻندا.