مھانگائي جو بي قابو ٿيل جن ۽ غريب عوام!‎‎
تبديلي سرڪار پنھنجي ٽن سالن جي حڪومت ۾ ٻيا ته ڪيترائي ڪارناما انجام ڏنا آھن پر مھانگائي جو جيڪو رڪارڊ قائم ڪيو آھي ان جو مثال گذريل 75 سالن جي حڪومت ۾ به نٿو ملي، روزمرھ جي ڪھڙي اھڙي شيءِ آھي جنھن ۾ رڪارڊ اضافو ناھي ٿيو؟ ھن ھڪڙي مھيني ۾ پيٽروليم شين جي قيمت ۾ 10 رپيا اضافو ڪيو ويو آھي ۽ شايد ان جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پھچي وئي آھي، کنڊ، اٽو، کائڻ وارو تيل، دوائون، ھوائي جھاز، ريل گاڏي ۽ عوامي ٽرانسپورٽ جا ڪرايا، دالين، ڀاڄين جون قيمتون، ڪھڙي ڪھڙي شيءِ ويهي ڳڻائجي جنھن جي قيمت رڪارڊ ٽوڙ ناھي وڌي، ھڪ گوري تي 10 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، ھڪ طاقت واري سيرپ تي 35 کان 40 رپيا جو اضافو  ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت ھن مھانگائي جو سڄو بار صوبائي حڪومتن تي وجھندي رھي آھي، مڃون ٿا ته 5 کان 10 سيڪڙو اضافو صوبائي حڪومتون ڪنديون ھونديون پر 40 کان 50 سيڪڙو اضافي جي ذميوار وفاقي حڪومت آھي، 300 کان 500 روز ڪمايئندڙ پورھيت لاءِ اھڙي مھانگائي ۾ گھروارن لاءِ ٻن ويلن جي مانيءَ جو بندوبست ڪرڻ به انتهائي ڏکيو ٿي پيو آھي، دوا درمل جو مسئلو ته اڃا جدا آھي. وفائي حڪومت جيڪڏھن عوام کي ڪنھن شيءِ ۾ رليف نٿي ڏئي سگھي ته گھٽ ۾گھٽ مھانگائي ۾ ايترو اضافو ڪري انھن جو معاشي قتل ته نه ڪري.
مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار
سيپڪو راڌڻ جي ڪرپشن جو نوٽيس ڪير وٺندو؟
راڌڻ سٽي بلاڪ نمبر 06 سولنگي محلي، هنڱورجا محلي جو 100 وارو ٽرانسفارمر هڪ ئي ڏينهن ۾ چار ڀيرا سڙِ ويو آهي. اهڙي ٻوسٽ واري گرميءَ ۾ ڪيترن ئي ڏنهن کان بجلي کان محروم آهيون. ٽرانسفارمر جڏهن به سڙندو آهي ته اسان جي پاڙي وارا پنهنجي مدد پاڻ تحت چندو ڪري ۽ ڪجھه انسان دوست سماجي ورڪر ٽرانسفارمر ٺهرائڻ ۾ مالي مدد ڪندا آهن پر افسوس سيپڪو ملازم ڪڏهن ڀلجي به انسان ٿي انسانيت جي رشتي سان دلي همدردي ناهن ڪندا. جڏهن ته انهيءَ ٽرانسفارمر تي 36 بجليءَ جا ميٽر، 25 سياسي بااثر ماڻهن جي اي سيز جا ڪنيڪش بنا ميٽرلڳل آهن ۽ حد کان وڌيڪ ڪُنڍا به آهن، في اي سي ڪنيڪشن لڳائڻ جا 3000 هزار ۽ في ڪنڊي ڪنيڪشن وارن کان 500 رپيا هر مهيني ورتا وڃن ٿا،جيڪا رقم تقريبن هڪ لک کان مٿي سيپڪو ملازم ڪمايئن ٿا. اسان جي پاڙي ۾ سياسي طاقتور بااثر موجود آهن جن جا اسان جي پاڙي جي ٽرانسفارمري کان سواءِ شهر جي ٻين ٽرانسفارمرز مان ٻن کان ٽي الڳ الڳ ڪنيڪشن آهن، اهو سڀ ڪجھه سيپڪو ملازمن جي مهربانين سان پيو ٿئي. ان کان سواءِ سڙيل ٽرانسفارمر ٺاهيندڙ مستري هر ٽرانسفارمر جي مرمت جي ڪميشن مقرر آهي جيڪو به ٽرانسفارمر سڙندو آهي ته سيپڪو ملازم ان جي رپورٽ سيپڪو هيڊ ڪوارٽر موڪلي اتان به پئسا اوڳاڙيندا آهن. راڌڻ اسٽيشن ۾ مڪمل طور تي ڪيبل سسٽم واريون تارون لڳل آهن. راڌڻ جا سيپڪو ملازم پاڻ بجلي چور آهن، وري بجلي چوري جا الزام ميٽر صارفن تي لڳائن ٿا، جيڪڏهن ملڪ ۾گئس چوري جو ڪيس داخل ٿي سگھي ٿو ته سيپڪو ملازمن تي به ڪيس داخل ڪيا وڃن. سيپڪو جي اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته ان ڪرپشن جو نوٽيس وريتو وڃي ۽ ميٽر صارفن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، اسان جي پاڙي کي نئون 200 ڪي وي جو ٽرانسفارمر ڏئي صارفن جي پريشاني دور ڪئي وڃي.
مسڪين راحب علي سولنگي/راڌڻ
رتوديرو، منشيات ديرو بڻجي ويو!
ماڙين جي شهر رتيديري جي مسئلن جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته هزارين نه ته سوين مسئلا ضرور ھوندا پر انھن سڀني ۾ مان منهنجي نظر ۾ منشيات شهر واسين لاءِ ناسور بڻيل آھي، جنهن جي ڪري هر گھر جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ فرد ڪنهن نه ڪنهن نشي جو عادي بڻيل آهي، منشيات سبب ڪيترن جا جھڳا جھڻ ٿي ويا آَهن، ڀينرن کان ڀائر کسجي ويا ته امڙين کان گهوٽ پُٽ کسجي ويا، ته ننڍڙن معصومن کان زندگيءَ جا سهارا کسجي ويا. هتي هر شخص هن منشيات جهڙي نانگ جو ڏنگيل آهي، نشي جي عادي نوجوانن جي وارثن جي دلين ۾ سوين سور زخم بڻجي ويا آهن پر معاشري ۾ بدناميءَ جي ڊپ کان اندر جا ڌڪ اندر ۾ لڪايون ويٺا آهن، هر ڪوئي آف ڪئميرا چوڻ لاءِ تيار آهي ته منشيات جي استعمال سبب نوجوان نسل تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي ويو آهي، شهر جي ويران دڪانن، ھوٽلن، مسافر خانن، قبرستان، گوشت مارڪيٽ، درگاهن جي ڀرپاسي ۾ ويهي رات توڙي ڏينهن ڪيترائي نوجوان، ننڍا ٻار توڙي بزرگ شراب، هيروئين، چرس، آفيم ۽ سرنج ذريعي ڊرگس استعمال ڪري منشيات جي لعنت ۾ ڌت ٿي پيا آهن. رتوديرو منشيات جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي ۽ رتوديرو پوليس به منشيات جي وڪري تي ضابطو نه آڻي سگهي آهي پر جڏهن آن ڪئميرا اُنھن کي بيان لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪو به ٻڌائڻ لاءِ تيار ڪو نه آهي ته آخرڪار موت جا سوداگر  ڪير آهن جيڪي چند ڏوڪڙن جي لالچ ۾ نوجوانن جي زندگيون سان کيڏي رهيا آهن. آخرڪار اھي نشي جا ڊيلر ڪير آهن ڇا اُھي ايترا طاقتور آهن جو انهن جو ڪو به نالو وٺڻ وارو ناهي، انهن کي ڪو روڪڻ وارو ڪونهي، انهن خلاف رتوديرو پوليس ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار ناهي؟ خدارا رتوديرو ۾ منشيات وڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي.
ثقلين حيدر/رتوديرو
هڪ چٺي ڊرگ انچارج ٿرپارڪر ڏانهن!
ڪلوئي، ونگو پتڻ ستون ميل سميت تعلقي جي ننڍن وڏن اسٽاپن تي بغير لائسنس جي قائم ميڊيڪل اسٽورن تي دوائن بجاءِ زهر وڪامڻ لڳو آهي، جنهن سبب رهواسي تيزيءَ سان بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، شهرين انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه اڻ رجسٽرڊ ڪپنينن جا نمائندا پري پري کان گاڏين ۾ غير معياري دوائون کڻي اچي مقامي اسٽور مالڪن کي مبينا ڳري رشوت باسي ۽ دوائن هلائڻ جي صورت ۾ ڪميشن ۽ گفٽ ڏيڻ جون لالچون ڏئي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار دوائون ڏيڻ لڳا آهن، جن عيوض مقامي اسٽور مالڪن کي لکين رپيا مبينا رشوت پڻ آڇي وڃي ٿي، جنهن سبب رهواسي شفا بجاءِ پئسا ڏئي زهر خريد ڪرڻ لڳا آهن، ڪلوئي تعلقي جي ڪيترن ئي ميڊيڪل اسٽورن تي بغير اي سي جي سوين دوائون ۽ گوريون مدي خارج پڻ پيل آهن، جيڪي وٺڻ سان رهواسي پيٽ معدي کان سواءِ ھاءِ بلڊ پريشر ۽ ٻين ڪيترن ئي موذي مرضن ۾ وڪوڙجڻ لڳا آهن، اسان جي اعليٰ اختيارين کان هن چٺي وسيلي  مطالبو ٿا ڪريون ته غيرمعياري ۽ مدي خارج دوائون وڪرو ڪندڙ اسٽور مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري قيمتي انساني جانيون بچايون وڃن.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎
تلاش گمشدگي اي سي سوڀوديرو!
سوڀوديرو شھر کان راڻيپور ويندڙ مين روڊ ڊگري ڪاليج شھيد نسيم احمد کرل سوڀوديرو جي سامھون ھڪ مھيني کان ڀڳل نالين ۽ گندي پاڻي جي نيڪال نه ھئڻ ڪري دڪاندارن، رھواسين ۽ ھزارين ايندڙ ويندڙ ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ گندي پاڻي ۾ موٽرسائيڪلن جو سلپ ٿيڻ روز جو معمول بنيل آھي. سوڀوديرو کان راڻيپور ويندڙ روڊ سان روزانون سوين گاڏيون ۽ ھزارين ماڻھن جو گذر آھي، لاڳيتو مھيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي، جيڪي نالين جي گندي پاڻي مان اچ وڃ تي مجبور آھن ۽ گندگيءَ سبب ڪيترائي رھواسي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن. ڪيترن دڪاندارن جو ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آھي ۽ گاڏيون تباھ ٿي ويون آھن. شھيد نسيم احمد کرل ڊگري ڪاليج سوڀوديرو ويندڙ پروفيسر، شاگرد، شاگردياڻيون ۽ والدين کي نالين جي گندي پاڻيءَ مان گذرڻو پوي ٿو. سوڀوديرو جو اسسٽنٽ ڪمشنر عديل احمد سوھو، ٽائون آفيسر شفقت عباسي ۽ چونڊيل نمائندا لاتعلق بڻيل آھن، جن پنھنجن اکين تي پٽيون ٻڌي عوامي اھنجڻ کان غافل ٿي ويا آھن. ٽائون ڪاميٽي سوڀوديرو جي بجيٽ اڏوهي کائي جيان ھڙپ ڪن پيا، جن کان ڪير به پڇڻ وارو نه آھي، ڊي سي خيرپور، اي سي سوڀوديرو، مختيارڪار سوڀوديرو، ٽائون آفيسر سوڀوديرو کي شهرين پاران ڪافي ڀيرا مختلف ذريعن سان شڪايت درج ڪرائي وئي آھي پر ڊي سي خيرپور جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي سُري، خبر نه آھي ته ڇا مسئلو آھي؟
مير عقيل عباس ٽالپر/سوڀوديرو
آءِ جي سنڌ ڏانهن!‎‎
ڪلوئي پوليس جي آشيرواد سان ڪلوئي تعلقي ۾ هلندڙ سئو کان مٿي ڪچي ٺري جون بٺيون هلندڙ آهن، موالين جي ڪري عزتدار ماڻهو راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن، ڪلوئي پوليس منشيات فروشن کي سري عام ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، ڪلوئي تعلقي جي مختلف هنڌن تي هن وقت هڪ سئو کان وڌيڪ ڪچي شراب جون بٺيون قائم آهن، جن تان هر روز هزارين ليٽر ڪچو ٺرو وڪرو ٿئي ٿو، ڪلوئي پوليس ڀتي عيوض خاموش هئڻ ڪري علائقي کي موالين آماجگاهه بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هاڻي اسڪولي شاگردن توڙي سفر ڪندڙ مسافر سخت پريشان آهن، پر ڪلوئي پوليس منٿلي جي آڙ ۾ مڪمل طور اکيون پوري ڇڏيون آهن. هڪ ويڊيو وائرل ٿي، جيڪا ڳوٺ ڪيٽي جوڻيجا جي آهي، جيڪو ڪلوئي ٿاڻي جي حد ۾ آهي، جتي رات جو ٺري جي نشي ۾ ڌت ٿي عزتدار ماڻهن جي گهرن ۾ موالي ڪاهي پيا، جنهن کان پوءِ رات جو ڳوٺاڻن سڄي رات جاڳي گذاري، جڏهن ته صبح جو پوليس کي اطلاع ڏنو ته پوليس روايتي ڪارروائي ڪندي خالي واپس موٽي آئي، هتي هي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪلوئي پوليس کي منشيات سپلاءِ ڪرڻ جو ڪنهن اختيار ڏنو آهي. آءِ جي صاحب کي هِن معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي ڪلوئي پوليس خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، ڇو جو ڪلوئي هن وقت ڪلوئي پوليس جي معرفت منشيات زون بڻجي چڪو آهي.
ابرهيم لنڊ/ڪلوئي، ٿرپارڪر
سنڌ جي قومپرستن جي سياسي ناڪامين جو سبب!
سنڌ جا سنڌي ھزارن سالن کان وٺي سنڌو درياهه جي سيراب ٿيڻ سان آباد، سرسبز ۽ خوشحال رھيا آھن، ھن وقت به آھن پر ھٿ وٺي سنڌ کي بدحاليءَ جي طرف ڌڪيو پيو وڃي، ان ۾ پنھنجن جي ڪوتاهي ۽ ڌارين جي يلغار شامل آھي، سنڌ ۾ مضبوط قوم پرستي رھي آھي. ون يونٽ جو تحريڪ ھجي، ڌارين جي يا ان کان اڳ نوڪرين تي يا زمينن تي قبضو ھجي يا، تحريڪ 1967ع کان وٺي 1970ع تايئن مثالي ھئي، شھرن مان سنڌي مسلمانن کي گھرن ۽ دڪانن مان تڙي ڪڍڻ ھجي ته ان وقت جي سنڌي قومپرستن ۽ ٻين سنڌين پاڻ ملهايو. اھا ڳالھ الڳ آھي ته ڪيترو ڪامياب ٿياسون. ٻيو دور 1972ع کان قومپرستن جو مشرقي پاڪستان جو ٽٽڻ کان پوءِ شروع ٿي، جن ۾ نه عمل ھو نه فڪر، ھاڻي به ساڳيو حال آھي ۽ خيالي دنيا جي سوچ ۾ رھون ٿا. سنڌي قومپرستي جي ناڪامي جو گھڻو سبب ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ اڪثر نوجوانن کي ڪاپي طرف ڌڪڻ، ننڍن دڪاندارن، واپارين فيڪٽرين، ريڙھي وارن، پٿاري وارن ۽ جتان تيل ۽ گيس نڪري انھن ڪمپنين کان منٿلي وٺڻ، ڳوٺن ۽ شھرن جي مسئلن کان پري رھڻ ۽ سخت روين جي ڪري سنڌ جو عام ماڻهو، پڙھيل ۽ سمجھدار قومپرستن کان پري آھن. جيڪڏهن اڄ جا قومپرست مفادپرستي ۽ مٿي ڄاڻايل ڳالهين کان پاسيرا ٿي وڃن ته سنڌ ۾ اليڪشني پارٽيون بڻجي سگھن ٿيون ۽ سنڌ جو ماڻھو سندن حمايت ڪري سگھن ٿا.
وڪيل عبدالغفار ڀٽو‎‎/حيدرآباد
هڪڙي چٺي، سنڌ جي هارين ڏانهن!‎‎
4 مارچ 1969ع تي جڏهن پاڪستان ۾ پي ٽي وي کان سواءِ ڪو ٻيو چئنل نه هو نه ئي سوشل ميڊيا جو تصور هو، عوامي رابطا مهم تمام ڏکي هئي، تڏهن به سنڌ جي هارين کي ڪالاباغ ڊيم خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ويو ته حيدرآباد ۾ ٻه لک ماڻهو گڏ ٿيا هئا، ياد رهي ته اهو وقت سخت آمريتي دور هو ۽ سفر تمام ڏکيا هئا، چپي چپي تي فوج ويٺل هوندي هئي ۽ بنا سبب جي سفر نه ڪرڻ ڏنو ويندو هو، تڏهن به ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ جهر جهنگ کان گڏ ٿيا ۽ اڄ به ڪالاباغ ڊيم تڪراري بڻيل آھي، هن وقت به صورتحال ساڳي آھي، بس فرق اهو آھي ته ان وقت ٺٽو، بدين، سجاول، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد سڪي رهيا هئا اڄ اهو سلسلو لاڙڪاڻي تايئن پهتو آھي. رائس ڪئنال ۾ پاڻي جو آسرو ئي ڪونهي، ماڻهن ٽيوب ويل جو ڌنڌو شروع ڪري ڏنو آهي، منڍ کان پڇڙي تايئن ڀوتارن جو هٿرادو پاڻي وارو ڌنڌو جاري آھي، ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ ته سڀ کان وڏي ٽيوب ويل ايريگيشن کاتي جي وزيل سهيل انور سيال جو آھي، جنهن تي سندس 200 کان 300 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آھي، هاڻ جيڪڏهن ايريگيشن کاتي جو وزيرن رائس ڪئنال جي پاسي ۾ موجود پنهنجي زمين لاءِ ٽيوب ويل ٿو لڳرائي ته پڪ سمجهو ته پاڻي جو ڪو آسرو ناهي يا وري ڀوتارن جي مرضي آھي ته عام آبادگار تنگ ٿي زمينون کپائن ته اهي به پاڻ وٺي وڌيڪ هارين کي غلام ڪري ووٽ ضبط ڪن. ٽيوب ويل وقتي طور تي فائيديمند آهن پر ڪجھ وقت بعد اهي به ناڪارا ثابت ٿيندا ۽ ڀرپاسي جون زمينون پوٺو ٿيڻ شروع ٿينديون، ايئن سڄي سنڌ ۾ ٽيوب ويلن ڄار وڇايو پيو وڃي اهو سڄي خطي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو ۽ ٻي ڳالھ ته پاڻي کوٽ انفرادي معاملو ناهي، جهالت ڇڏيو، گڏيل جدوجهد ڪريو، جيڪڏهن اوهان زراعت لاءِ پاڻي به پئسن جو ٿا وٺو ته اوهان کي سال تي صرف 20 کان 30 هزار بچندا، جيڪا هڪ مزدور جي هڪ مهيني جا پگهار آھي ته اهڙي هارپي جو ڪهڙو فائدو؟ تنهنڪري مهرباني ڪري پنهنجن حقن لاءِ گڏ ٿيو، ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سردارن کي اهي نشان ڏيکاريو جن سان سندن کي ووٽ ڏيندا آھيو نه ته ايندڙ وقت تمام ڀيانڪ هوندو.
امجد سرگاڻي/سيهڙ اسٽيشن
چونڊ سڌارن لاءِ قانون ۾ ترميم جي ضرورت آ!‎‎
ملڪ جو سڀ کا اھم حساس اليڪشن ڪميشن کاتو صرف چونڊن کان ڪجھه مهينا اڳ متحرڪ ٿي پوءِ خاموش ٿي ويهي رهندو آهي، کاتي جي اھا خاموشي عوام کان رڙيون ۽ رنڀون ڪڍرائي ڇڏيندي آھي. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄ تايئن اليڪشن ڪميشن صرف ڳڻپ جو ڪم ٺيڪ طريقي سان ڪري ۽ بوگس ووٽن کي ڌانڌلي سمجھي ٿي پر ھرگز ايئن نه آھي، اليڪشن ڪمييشن ھن وقت تايئن جيڪو ڪم ڪيو آھي اھو ڪنھن ڳڻپ ۾ ئي ناهي، افسوس ملڪ ۾ پٽيوالي جي نوڪري لاءِ امتحاني ٽيسٽ ڏيڻي پوي ٿي پر ھتي ملڪ جي اھم عھدي لاءِ امتحان جو ڪو شرط ناھي، جيتوڻيڪ کاتي جو اوليت شفاف اليڪشن ڪرائڻ آھي پر سدايئن ڪم شماريات کاتي وارو ڪيو آھي، جھڙي طرح جنرل پرويز جي دور ۾ گريجيوئيشن ۽ ميٽرڪ پاس وارا نوان شرط لاڳو ڪيا ويا، اھڙي طرح ڪجھ نوان بل اسيمبليءَ مان پيش ڪري انهن کي قانوني شڪل ڏني وڃي ته جيئن اھل ماڻهو اسيمبلين تايئن پھچي سگھن، جنھن ۾ چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي اڻ ڌري لکت ۽ زباني ٽيسٽ جنھن ۾ عوامي مسئلن سان گڏ عام ڄاڻ جا سوال پڻ پڇڻ گھرجن، چونڊ کٽڻ بعد آبجيڪٽو پروپوزل پڻ لکت ۾ جمع ڪرائڻ لا پابند ڪيو وڃي، تڪ جا مسئلا اسميبلي ۾ پيش ڪرڻ سان گڏ صوبائي توڙي ملڪي سطح جي مسئلن لاءِ بل پيش ڪرڻ جا ٽارگيٽ مقرر ڪيا وڃن، ماضي ۾ 50 سيڪڙو به شرطن تي پورو  لھندڙ کي لاڳيتو اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااھل قرار ڏنو وڃي ته ايندڙ اليڪشن ۾ اھليت خاطر تڪ ۾ ڪجھ نه ڪجھ تبديلي ايندي، پارٽيءَ کي گھٽ ۾ گھٽ پنج ست ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏئي انھن مان موزون اميدوار جي چونڊ لکت ۽ زباني امتحان جي بنياد تي اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻ گھرجي، ان سان گڏ پارٽيءَ کي وزيرن جي چونڊ ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار ھجڻ گھرجي، وزارتون پڻ شفاف نموني سان ڏنيون وڃن، مثال بنا بي ايڊ، ايم ايڊ واري کي تعليم جو وزير ئي نه ڪيو وڃي، گڏوگڏ قانوندان وڪيل لاءِ اسيمبلين ۾ اسپيشل ڪوٽا رکي وڃي، اھڙي طرح عورتن جي مخصوص سيٽن مان 50 سيڪڙو ڊاڪٽرز، وڪيل، انجنيئر عورتن لاءِ مخصوص ڪيون وڃن، تعليم يافتا معذور ماڻهن لاءِ اسيمبلي ۾ سيڪڙو جي بنياد جي سيٽون مقرر ڪيون وڃن، اھڙيءَ طرح جا سخت کان سخت قانون شفاف چونڊن جو سبب بڻجن ته اهي عوام جي ڀلي جو سبب بڻجندا ۽ جاھل ڪم چور سياستدان مان جان آزاد ٿي ويندي، ان سان گڏ ملڪ به ترقي ڪندو ۽ ترقي يافتا ملڪن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگھندو.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
خيرپور ۾ بينظير بستي جا پلاٽ وڪرو ٿي ويا ڇا؟
دنيا ۾ پاڻ مڃايئندڙ ليڊر شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پاڪستان جي غريب ماڻھن لاءِ ڇپر ڇانو ھئي، سندس زندگي جو وڏو خواب بي گھر غريبن کي اجھا ڏيڻ ھو، ھن جي شھادت کان پوءِ سندس ور جي حڪم تي خيرپور جي روھڙي ڪينال جي ڪپ سان سنڌ حڪومت 81 ايڪڙ زمين خريد ڪري اتي 14 سئو پلاٽ غريب بي گھرن کي ڏيڻ جو اعلان ڪندي شھيد راڻي بينظير ڀٽو ھائوسنگ اسڪيم نالي سان بينظير ڀٽو بستي قائم ڪندي 11 بجلي جا ٽرانسفارمر ھڪ اسڪول ھڪ پارڪ ھڪ مسجد تيار ڪرڻ لاءِ بجيٽ ورتي ۽ پلاٽن کي بينظير بستي جو نالو ڏئي گيٽ تعمير ڪرائي پلاٽن کي چوديواري ڏياري غريب بي گھر سنڌ حڪومت کي دعائون ڏيڻ لڳا، خيرپور جي روينيو کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر معرفت فارم ڀرايا ۽ في فارم جا 500 رپيا چالان ورتو ويو، اھا ڳالھ اڄ کان ست سال اڳ جي آهي، وري وچ ۾ فارم ھلايا ويا ۽ 14 سئو پلاٽن لاءِ 10 ھزار اميدوارن فارم ڀريا، ھلندي ھلندي 2018 ۾ پلاٽن جا ڪڻا ڪڍڻ وارو عملو ٻڌايو ويو پر ھن وقت تايئن اميدوار غريب مسڪين اٻوجھ ماڻھو ڪُڻن جي نڪرڻ جي انتظار ۾ آھن، 2020ع ۾ بينظير بستي جي پلاٽن تي قبضا مافيا قبضا ڪري پلاٽ وڪرو ڪرڻ شروع ڪيا، اھڙي شڪايت خيرپور سان لاڳاپيل اڳوڻي ايم اين اي ھائوسنگ اسڪيم جي انچارج سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون حاجي نواب وساڻ کي ڏني وئي، جنھن ھڪ مھيني ۾ قبضا ختم ڪرائڻ جو چيو پر قبضا مافيا اڃا سرگرم آهي، گذريل ڏينھن ميڊيا ساڻ ڪري ڪجھ اميدوارن بينظير بستي جو معائنو ڪيو ۽ ڏٺو ته قبضا مافيا سرگرم آهي، بينظير بستي جي مک گيٽ تي شھيد راڻي بينظير ڀٽو جو لڳايل مجسمو پڻ ھنڌان ھنڌان ڏري پيو آھي، سندس انھن ڏارن تي متاثرن چيو ته پيپلزپارٽي وارن تي حيف آھي، جيڪي محترمه جي نالي سان منسوب ڪيل پلاٽ وڪرو ڪري رهيا آھن پر محترمه جي مجسمي کي پڻ مسمار ڪري رھيا آھن. پيپلزپارٽي ملڪ تي حڪمران ھجڻ باوجود محترمه جي نالي تي مال ميڙيو آھي ۽ سندس نالي سان ٺاھيل بستي ڄڻ قبضا مافيا کي وڪرو ڪري ڇڏي آھي.
ڪفايت گل /خيرپور
آفيسر طبقو  وزيرن جو درٻاري غلام آهي!
پاڪستان جي حساب سان سنڌ جو اڪثر آفيسر طبقو حڪومتي وزيرن مشيرن جو غلام آهي، ڇا هنن کي آزاديءَ جو حق حاصل ناهي يا هنن کي سندن مرضي جا ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي؟ اڪثر مون عيدن، شادين، مرادين، مرڻي تي انهن درٻاري آفيسرن کي وزيرن مشيرن جي اوطاقن، بنگلن جي حاضري ڀريندي ڏٺو آهي، اهي سمورا آفيسر سياسي وزيرن جا درٻاري غلام ٻڻيل آهن، جي نوڪرين، بدلين يا ڪي کڻي چئجن ننڍي کان ننڍا ڪم به وزيرن جي پڇاڻي کان پوءِ ڪندا آهن، حقيقت ۾ اها هڪ ناانصافي آهي، آفيسر طبقي ۾ سياسي مداخلت نه هئڻ کپي، هنن کي آزاديءَ جو حق ڌنو وڃي ۽ ان سياسي مداخلت جي ڪري سنڌ ۾ ڪيترائي مسئلا اٿيا آهن، جيڪي منظر عام تي آيا آهن جيئن نادرا وارا جعلي ڊوميسائل جو مسئلو يا وري ڌارين جا شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ، اهي سمورا ناجائز ڪم آفيسرن کان دٻاءَ تي ئي ورتا وڃن ٿا ۽ اصل ۾ اهو حقيقتن جي ابتڙ آهي، جي ڪو آفيسر ايئن ناجائزي به ڪري ته ان خلاف حڪومتي وزير مشير سخت قدم کڻي ان کي نوڪري مان ڪڍيو وڃي ۽ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻيا آفيسر به سڄاڳ ٿين. ان لاءِ  اعليٰ عدليا ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي عرض ڪندس ته آفيسر طبقي کي ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ کين درٻاري غلام ٿيڻ کان بچايو وڃي.
محرم علي شر/هنڱورنو