خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ۾ مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري مورزادي جي وارثن وٽ سماجي اڳواڻ شائستا بلوچ پهتي، ان موقعي تي شائستا بلوچ نينگري سندس والد ممتاز علي مهر ۽ والده مسمات ڀاڳي کان واقعي بابت تفصيل ورتا. سماجي اڳواڻ شائسته بلوچ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ هي پهريون واقعو ناهي، اهڙا واقعا ڪافي ٿي چڪا آهن، جوابدار ڪيڏو به بااثر ڇو نه هجي ان کي ڪيفر ڪردار ٽائين پهچائڻ لاءِ متاثر نينگري ۽ سندس والدين جي هر قانوني مدد ڪئي ويندي،ٻئي طرف خانپورمهر پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.