سنڌ ڪابينا جو اجلاس، زراعت ۽ سماجي ڀلائي کاتي پاران بريفنگ

0
174
سنڌ جي بجيٽ: پگهارن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگار، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي

وڏي وزير جو ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪابينا گذريل اجلاس جي منٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ وڏي وزير کي پنهنجي کاتي جي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني

ان دوران منظور وساڻ چيو ته زراعت کاتي وٽ 5 ارب رپين جون 43 اسڪيمون آهن، حڪومت 900 ملين رپيا جاري ڪيا آهن جن مان 565.5 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن ۽ هن سال 15 اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون جن تي 1.16 ارب رپيا لاڳت ايندي

ترجمان موجب سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير ساجد جوکيو ڪابينا کي ترقياتي اسڪيمن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سماجي ڀلائي کاتي وٽ 800 ملين رپين جون 36 اسڪيمون آهن، هن سال 216.1 ملين رپين جي لاڳت سان 5 اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون