ڪنڌڪوٽ: ڌاڙيلن پاران ٺيڪيدار کان حصو پتي جي گُهر، ڌمڪي، وڊيو وائرل

0
257
ڪنڌڪوٽ: ڌاڙيلن پاران ٺيڪيدار

ڪنڌڪوٽ(ن پ ا) ڪچي جي جاگيراڻي سبزوئي گينگ پاران ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل جي تعمير واري ڪم ۾ حصو پتي نه ڏيڻ جي صورت ۾ حملي جي ڌمڪي ڏني وئي آهي

ڌاڙيلن جي هڪ نئين وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڌاڙيلن پاران گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جي ڪم تي نوڪري ڪرڻ جي ڳالهه ٻولهه  ڪئي

ڌاڙيل ٽولي جو چوڻ آهي ته گبول ٺيڪيدار چاچڙن کي ڪم تي رکيو آهي، اسان کي به رکي، اسان جو به حق آهي، ڇو ته اسان جون به زمينون آهن نه ته اسان کي گهر ڏٺل اٿس

وڊيو ۾ ڌاڙيل ڌمڪي ڏيندي چون ٿا پوليس سان اسان جو جهيڙو ناهي، جيڪڏهن تنگ ڪندي ته اسان وڙهنداسين، ڀلي ٿاڻو هجي، پڪٽ هجي، يا ٻيو ڪجهه، هي سڀ هٿيار اسان وڙهڻ لاءِ ورتا آهن، اسان نٿا چاهيون ته پرديسي مرن، ڌاڙيل ٽولي وٽ خطرناڪ ۽ جنگي حالتن ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيارن جو وڊيو ۾ نماءُ به ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

ڏھرڪي:سنڌ – پنجاب جي ماڇڪو واري ڪچي ۾ ڌاڙيلن پاران مغوي تي تشدد، وڊيو وائرل