ڏھرڪي:سنڌ – پنجاب جي ماڇڪو واري ڪچي ۾ ڌاڙيلن پاران مغوي تي تشدد، وڊيو وائرل

0
269

ڏھرڪي (ن پ ا) سنڌ پنجاب جي ماڇڪو جي ڪچي مان ڌاڙيلن جي وڊيو وائرل ٿي آھي، پنجاب جي هڪ مغوي کي تشدد جو نشانو بڻائي ڌاڙيل پنهنجي گرفتار ٿيل ٻن ساٿين جي رحيم يار خان ٿاڻي تان آزادي جو شرط رکي رهيا آھن، زنجيرن ۾ جڪڙيل مغوي مٿان هٿيار رکي ان کان ڌاڙيل پيغام ڏياري رهيا آھن ته اسان جي ٻن ساٿيل الله بخش ۽ ممتاد کي آزاد نه ڪيو ويو ته ٻي ڪاروائي ڪنداسين، وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ مغوي ايلاز ڪري رهيو آھي ته ڌاڙيلن جي گرفتار ساٿين کي رحيم يارخان جي سٽي ٿاڻي تان آزاد ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ منھنجي زندگي کي خطرو آھي.