ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق پاران بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند نه ڪرڻ سبب سنڌ ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ شروع ٿيا، اسان کي پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا، جن ۾ لاڪ ڊائون پڻ شامل آهي. ڪالهه رابطا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت دوران هن چيو ته حيدرآباد ۾ ڪورونا جي شرح 16.64، ڪراچي ۾ 8.93 ۽ صوبي جي ٻين ضلعن ۾ 5.64 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪا انتهائي سنگين صورتحال آهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت 31 مارچ تي بين الصوبائي ۽ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ها ته سنڌ جون حالتون ڪنٽرول ۾ هجن ها. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سخت فيصلا ڪيا وڃن، انٽرسٽي ٽرانسپورٽ تي پابندي، ايئرپورٽس جي سخت نگراني ڪرڻ، ڪورونا متاثر ضلعن ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ جهڙا قدم کڻي ڊاڪٽرن، پوليس اهلڪارن ۽ انتظاميا لاءِ ويڪسينشن کي يقيني بڻايو وڃي، صوبن کي خاص طور تي سنڌ کي سڌوسنئون ويڪسين خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. اجلاس دوران وزيراعظم سنڌ حڪومت کي ويڪسين خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ ڪورونا بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏي انگ ۾ ڪورونا ويڪسين خريد ڪري ان کي ڊائو ورسٽي جي اوجها ڪيمپس ۾ ذخيرو ڪيو ويندو. اجلاس کي صحت واري وزير عذرا پيچوهو بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ جنوري ۾ 431، فيبروري ۾ 339، مارچ ۾ 151 ۽ هلندڙ مهيني ۾ 72 مريض فوت ٿي چڪا آهن، ڪراچي ۾ هن وقت 52 مريض وينٽيليٽر تي آهن، اسان وٽ مختلف اسپتالن ۾ 531 وينٽيليٽر آهن، اسان وڌيڪ 70 وينٽي ليٽرز جو اضافو ڪريون پيا، هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن، جيڪڏهن ساڳئي صورتحال رهي ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، سنڌ حڪومت مختلف ضلعن ۾ ڪورونا ويڪسينيشن مرڪز قائم ڪيا آهن جتان کان رپورٽس ملي رهيون آهن ته ماڻهو ويڪسين لڳرائڻ نٿا اچن. هن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته 50 سالن کان وڌيڪ عمر جا شهري ويڪسين لڳرائين.