رياض (م ڊ) سعودي مفتي اعظم ڪورونا مريضن جو ٻين سان ملڻ کي حرام قرار ڏئي ڇڏيو. سعودي جي مفتي اعظم الشيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل شيخ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو ٻين سان ملڻ حرام قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪورونا وبا کي روڪڻ لاءِ سمورا ماڻهو پنهنجي پنهنجي ملڪ طرفان ٻڌايل طريقيڪار ۽ هدايتن تي عمل ڪن. مفتي اعظم سعودي عرب چيو ته اسلام انساني جان جي تحفظ تي زور ڏئي ٿو، ان ڪري ڪورونا ۾ مبتلا ماڻهو ٻين جو خيال رکن ۽ صحتمند ماڻهن کان پري رهن.