ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نائن زيرو آپريشن، 6 سالن بعد فيصلو اچي ويو، 13 جوابدارن کي مختلف سزائون، 13 جوابدار بري ٿي ويا، ڪالهه سينٽرل جيل ڪامپليڪس ۾ هلندڙ دهشتگردي ٽوڙ عدالت نائن زيرو آپريشن جو تفصيلي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ 13 جوابدارن کي مختلف سزائون ڏنيون، جڏهن ته الزام ثابت نه ٿيڻ تي 13 جوابدار بري ٿي ويا. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ فيصل موٽا کي غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي. اهڙي ريت جوابدار فرحان شبير عرف ملا، عبيد ڪي ٽو ۽ عابد کي 8-8 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. جوابدار امتياز، ڪاظم رضا، عبدالقادر هنڱورو، نديم احمد، عامر توتلا، شڪيل عرف بنارسي، محمود حسين، مشتاق جاويد ۽ عامر کي 6-6 سال قيد جي سزا آئي، جوابدارن تي 30-30 هزار ڏنڊ به وڌو ويو. پراسيڪيوشن 52 ڪيسن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي الزام ثابت نه ڪري سگھي. ڌماڪيدار مواد رکڻ واري ڪيس ۾ فيصل موٽا، عبيد ڪي ٽو، نادر شاهه، عامر سرڦٽا ۽ ٻين ڪيسن ۾ محمد فيضان، ساجد، نعمان، آصف، حسيب الرحيم، محمد زبير، نعيم، رضوان، توصيف احمد، فيضان، ممتاز ۽ وجيه الرحمان کي الزام ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪيو ويو