ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ايڌي فائونڊيشن جي سربراھ فيصل ايڌي ڀارت ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال سبب ڀارتي وزيراعظم کي خط لکي 50 ايمبولينسون ۽ ميڊيڪل اسٽاف فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. خط ۾ فيصل ايڌي لکيو آهي ته ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن جي خراب ٿيندڙ صورتحال سبب انساني همدردي جي ناتي ايڌي فائونڊيشن ڀارت کي 50 ايمبولينسون ۽ ميڊيڪل اسٽاف فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ٻئي طرف فيصل ايڌي جو چوڻ هو ته ڀارتي وزيراعظم کي خط لکيو آهي، ڀارت کان اجازت ملڻ بعد 50 ايمبولينسون ۽ رضاڪار ڀارت اماڻيا ويندا.