حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پروگريسو ڪاميٽيءَ سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهيءَ جو ذميوار سنڌ سرڪار کي قرار ڏيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان رٽائرڊ ججز ۽ ٽيڪنيڪل ماهرن تي مشتمل عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پريس ڪانفرنس دوران چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ويو ته هو ذميوارن کي وائکو ڪرڻ ۽ عالمي ادارن توڙي پرڏيهه مان ايندڙ اربين رپين جي امداد تقسيم ڪرڻ واري عمل جاچ ڪرائي. اڳواڻن چيو ته هو ڪالاباغ ڊيم جي راهه هموار ڪرڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف سڀاڻي حيدرآباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍندا. سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جي ڪنوينر عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ سيد لال شاهه، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلهو، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين هاشم کوسو ۽ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ محبوب سيال گڏيل طور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ قدرتي نه پر سنڌ جي حڪمرانن جي هٿ سان آندل ٻوڏ آهي. هٿ سان ڪٽ لڳائي سنڌ کي ٻوڙي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي. ان تباهيءَ جي مک ذميوار سنڌ سرڪار آهي جنهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي احتساب ڪرڻ گهرجي. اڳواڻن چيو ته  هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ بي گهر ٿيا آهن، سندن واهر ناهي ٿي،  امداد ۽ خرچن جي جاچ توڙي شفافيت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي طريقيڪار قائم ڪرائڻ سان گڏ سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ تباهڪارين بابت رٽائرڊ ججز ۽ ٽيڪنيڪل ماهرن تي مشتمل عدالتي ڪميشن جو قيام عمل ۾ آڻي.