دوداپور (ن پ ا) دوداپور ۾ ڳوٺ حضور بخش مغيري جي رهواسين ٽينٽ، راشن ۽ ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف غلام فريد مغيري، غلام نبي مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جيڪب آباد۔ڳڙھي خيرو مين روڊ تي بيگاري ڪئنال ڀرسان ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته واهر ناهي ٿي، پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ به قدم ناهن کنيا ويا. ڌرڻي سبب ڳوٺ گهرام بروهي جي رهواسڻ پندرنهن ورهين جي فاطمه بروهي تڙپي تڙپي فوت  ٿي وئي. والد محمد گل بروهي جو چوڻ ھو ته نياڻي کي تيز بخار هو، جنهن کي علاج لاءِ جيڪب آباد کڻي وڃي رهيا هئاسين ته بيگاري ڪئنال ڀرسان روڊ بند هجڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي.