وارھ (ن پ ا) وارھ ڀرسان ميد موري وٽ متاثرين پاران قائم ڪيل رليف ڪئمپ ۾ ترسيل ڳوٺ انور آباد  جو نينگر 10 ورهين جو باقر پٽ علي گل گاڏھي پير ترڪڻ سبب ڪنئور شاخ ۾ ٻڏي ويو، جنهن کي وارثن ڪڍي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نينگر جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.