ڄامشورو (رپورٽر)رٽائرڊ ۽ عمر رسيده ماڻهن کي عهدن تي نه ويهارڻ وارن عدالتي حڪم باوجود سنڌ يونيورسٽي ۾ عمر رسيده شخص کي ڊين فيڪلٽي آف لا جي اهم عهدي تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پريس بيان مطابق سنڌ يونيورسٽي جي چانيلر ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيننئر وڪيل جهمٽ ڄيٺانند کي ريگيولر پروفيسر جي مقرريءَ تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڊين فئڪلٽي آف لا مقرر ڪري ڇڏيو آهي. چانسلر پاران اهڙي مقرريءَ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو پڻ جهمٽ ڄيٺانند جي ڊين طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف اهي به افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته سنڌ يونيورسٽي ۾ اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي مبينا ڪيل سياسي ڀرتين کي موجوده وائيس چانسلر پاران رد ڪيو هو، جيڪي بحال ٿيڻ جي خوشي ۾ عمر رسيده شخص کي سنڌ حڪومت پاران نوازيو ويو ويو آهي.