ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2022ع تحت ماسٽر ڊگري پروگرامز لاءِ ڪامياب  اميدوارن جي پهرين عارضي ميرٽ لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي. ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ماسٽرز جي پھرين عارضي ميرٽ لسٽ جاري ڪئي وئي آھي، جيڪا يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. ھن چيو تہ پھرين ميرٽ لسٽ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو اعتراض داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر 2021ع مقرر ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته 3 جنوري کان 8 جنوري 2022ع تائين داخل في جمع ڪرائي سگهجي ٿي.