حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٿڌي سڙڪ وٽ تيز رفتار رڪشا ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي  نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. اطلاع تي ايڌي رضاڪارن پهچي زخمي نوجوان 18 سالن جي فيضان پٽ شبير احمد کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. جي او آر پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو راڻي باغ وٽ پيش آيو. هوڏانهن اسپتال ۾ داخل زخمي جي حالت خراب ٻڌائي پئي وڃي.