ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن فيس معاف ڪرڻ، بلاڪ هاسٽل مان پوليس کي نيڪالي ڏيڻ، ترت اسڪالرشپ جاري ڪرڻ، ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪرڻ، ماروي هاسٽل مان مرد اسٽاف کي نيڪالي ڏيڻ،  ڊسپينسري بحال ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ سومر ڏينهن کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سپاف سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻن هالار خان جمالي، سجاد شر، عبدالخالق چاچڙ ۽ ٻين سنڌ يونيورسٽي جي ھاسٽل گيٽ وٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڏهن سالن جي سڀ کان شديد بارشن ۽ ٻوڏ واري خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيڻ سبب جتي عام ماڻھو مشڪلاتن جو شڪار ٿيو آهي،هنن چيو ته سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي شاگردن جي سالياني فيس ڪيمپس توڙي هاسٽل جون مڪمل معاف ڪري غريب شاگردن کي رليف ڏنو وڃي، بلاڪس هاسٽل مان پوليس کي نيڪالي ڏئي ٻوڏ متاثر علائقن جي شاگردن کي بنا في جي هاسٽل الاٽمنٽ ڏني وڃي، شاگردن کي اسڪالرشپ فوري طور تي جاري ڪئي وڃي، ٽرانرسپورٽ جي ڪراين ۾ اضافو ختم ڪري بهتر بڻائي ٽرانسپورٽ جو سسٽم آن لائين بڻايو وڃي، ماروي هاسٽل مان ميل اسٽاف کي نيڪالي ڏئي في ميل اسٽاف کي مقرر ڪيو وڃي. شاگردياڻين سان ٿيندڙ هراسمينٽ خلاف سگهارا قدم کنيا وڃن،اڳواڻن چتاءُ  ڏنو آهي ته مطالبا مڃيا وڃن ٻي صورت ۾ سومر ڏينهن کان هاسٽل گيٽ وٽ ڌرڻي سان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.