ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ تيجمال جي ويري ۾ رولو ڪتن ناياب نسل جي هرڻ کي ماري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن سروپ سنگهه، سردارو ۽ ٻين چيو ته رولو ڪتا علائقي ۾ آزار بڻيل آهن، هنن چيو ته ڪتن ناياب نسل جي هرڻ کي چڪي ماري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته ان کان اڳ به اسان جي ڳوٺ ۾ ڪتن هرڻ ماريا هئا، هنن ٻڌايو ته وائلڊ لائيف کاتي کي ڄاڻ ڏيڻ باوجود انهن ناياب نسل جا هرڻ بچائڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ناياب نسل جا هرڻ بچائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن،