راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ڀرسان ڳوٺ صلاح جتوئي واسي ٻوڏ متاثرين پاران سماجي تنظيم جي مقامي آرگنائيزس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نواب علي سولنگي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سماجي تنظيم جي تعاون سان فرضي ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي ھئي، جنھن ۾ 2 سئو متاثرين کي رھائڻ جو بندوبست ڪيو ويو ھو، ٽينٽ سٽي جي آرگنائيزس طرفان  متاثرين بدران پنھنجي ڳوٺن ۽ شھرن مان 150 کان مٿي ماڻھو گھرائي سماجي تنظيم جي ذميوارن جي موجودگي ۾ پنھنجن ماڻھن ۾ سامان تقسيم ڪيو، ھنن دانھيو ته اسان جي ٻارن ۾ بيمارين منھن ڪڍيو آھي،    ڊاڪٽرن جي ڪابه ٽيم ناھي پھتي، ھوڏانھن ٽينٽ سٽي جي آرگنائيزرس مظھر علي جھتيال ۽ شاھد قمر سولنگي ٻوڏ متاثرين طرفان لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته الزام لڳائيندڙ غلط بياني ڪري ساک متاثر ڪري رھيا آھن.