سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران صوبي ۾ انٽرنيٽ سروس جي معطلي ۽ سلو اسپيڊ تي ڪاوڙ جو اظهار

0
118
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران صوبي ۾ انٽرنيٽ سروس جي معطلي ۽ سلو اسپيڊ تي ڪاوڙ جو اظهار
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران صوبي ۾ انٽرنيٽ سروس جي معطلي ۽ سلو اسپيڊ تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي (رپورٽ:نظير ميمڻ) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران صوبي ۾ انٽرنيٽ سروس جي معطلي ۽ سلو اسپيڊ تي ڪاوڙ جو اظهار، سموري ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي بحاليءَ وارو حڪم برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ انٽرنيٽ سروس جي بار بار معطلي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي هلائي

چيف جسٽس عقيل احمد عباسي رمارڪس ۾ چيو ته اسان جي انٽرنيٽ به صحيح نه ٿي هلي ته ٻئي هنڌ ڪيئن صحيح هلندي هوندي، لڳي ٿو ته اليڪشن کانپوءِ انٽرنيٽ سروس ٺيڪ ٿي ويندي

 عدالت انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو حڪم برقرار رکڻ جو فيصلو ٻڌايو، عدالت پي اي ٽي جو وڪيل پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي 21 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي