اليڪشن جي موقعي تي موبائيل فون يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ٿيو: وفاقي سرڪار

0
85

وفاقي سرڪار چيو آهي ته اليڪشن جي موقعي تي موبائيل فون يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو نه ٿيو آهي

نگران وفاقي گهرو وزير گوهر اعجاز جي سڌسماءَ واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته 2018 جي چونڊن دوران رتوڇاڻ جي واقعن ۾ 666 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا هئا، هيل ڪوشش آهي ته چونڊون پرامن ٿين ۽ ڪو به جاني نقصان نه ٿئي

گوهر اعجاز چيو ته سنڌ ۾ چونڊن جو ماحول زور شور سان جاري آهي، ڪنهن سياسي جماعت جي ٻي سياسي جماعت سان دشمني نه ٿي لڳي، سنڌ ۾ فوج، سول آرمڊ فورسز ۽ پوليس سيڪيورٽي لاءِ مقرر آهن

هن چيو ته بلوچستان جو به دورو ڪيو آهي، اتي به اميدوارن وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ نه آهي، ووٽ ڏيڻ توهان جو حق آهي، جنهن کي وڻي ووٽ ڏيو، اسان کي انهن قوتن کان خطرو آهي جيڪي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿيون