سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حريم شاهه کي ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم

0
492
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو

 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه کي 18 اپريل تائين ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حريم شاهه خلاف ايف آءِ اي انڪوائري بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ حريم شاهه جي وڪيل ترڪي ۾ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو

حريم شاهه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس موکل ترڪي ۾ بيمار آهي، ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته حريم شاهه کي ڪهڙي بيماري آهي ۽ ڇا جو علاج ڪرائي رهي آهي، جنهن تي وڪيل چيو ته حريم شاهه جو ترڪي ۾ ليو اسڪوپي جو علاج هلندڙ آهي، ڊاڪٽرن کيس آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي

عدالت پڇاڻو ڪيو ته واپسي ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ حريم جي وڪيل چيو ته 15 کان 20 ڏينهن لڳي سگهن ٿا، بعد ۾ عدالت حريم شاهه کي 18 اپريل تي ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

حريم شاھ وٽ موجود رقم کي پنھنجي چوندڙ شخص جو تعلق ڪھڙي جماعت سان آھي؟