عورت: جنهن کانسواءِ ڪائنات اڌوري آهي!

0
188
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اڄ 8 مارچ آهي، جنهن کي سڄي دنيا ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن سموري دنيا کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي ته عورت جي اسان جي زندگي ۾ ڪيتري اهميت آهي. هي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد عورتن جي ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي ڪاميابين کي مڃتا ڏيڻ آهي. گڏيل قومن جي اداري 1977ع ۾ قرارداد پاس ڪري هن ڏينهن کي عالمي حيثيت ڏني ۽ ان بعد هرسال هن ڏينهن کي ملهايو ويندو آهي. 2010ع کان هن ڏينهن لاءِ ڪو متو يا مقصد رکيو ويندو آهي. هن سال ان ڏينهن لاءِ جيڪو متو مقرر ڪيو ويو آهي اهو آهي: “مستحڪم مستقبل لاءِ اڄ صنفي برابري”  Gender equality today for a sustainable tomorrow. عورتن جي ڏهاڙي تي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام موڪل ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ انگولا، آرمينيا، آذربائيجان، بيلاروس، برڪينا فاسو، چين (رڳو عورتن لاءِ)، ڪيوبا، جارجيا، برلن جرمني، ايريٽيريا، قزاقستان، ڪرغزستان، لائوس، مڊگاسڪر(رڳو عورتن لاءِ)، مالڊووا، منگوليا، مونٽينيگرو، نيپال، روس، تاجڪستان، ترڪمنستان، يوگينڊا، يوڪرين، ازبڪستان ۽ زمبيا شامل آهن. انهن کانسواءِ سموري دنيا ۾ هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي پر ڪجهه سخت گير ملڪن ۾ پابنديون به لڳل آهن.

عالمي ۽ ملڪي رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته توڙي جو عورت کي تمام گهڻي اهميت ملي آهي پر پوءِ به هي دنيا عورت لاءِ محفوظ نه بڻجي سگهي آهي. دنيا ۾ جيڪي به مسئلا پيدا ٿيندا آهن انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ عورت ئي ڀوڳيندي آهي. هن سال يوڪرين ۽ روس جي جنگ لڳل آهي اتي به سڀ کان وڌيڪ عورت ئي ڀوڳي رهي آهي. عورت جيتوڻيڪ محبت جو استعارو ۽ خوبصورتي جو اهڃاڻ آهي پر هن کي ان حيثيت جي تمام ڳري قيمت به ادا ڪرڻي پوي ٿي جو دنيا جو جيڪو به درد ۽ سور آهي اهو عورت کي ئي رئاڙيندو آهي. اسان جي معاشري ۾ چوڻ لاءِ ته عورت کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي ۽ ان کي هڪ نه پر ست قرآن سڏيو ويندو آهي پر ان جو عملي طور تي اظهار نه ٿيندو آهي. اسان جي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ عورت جي معاشي ۽ معاشرتي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. عورت جو خون وهائڻ اسان وٽ عام آهي ان ڪري جو ان کي پنهنجي ملڪيت سمجهيو ويو آهي.

عزت ۽ معتبري کي عورت سان ئي واڳيو ويو آهي. اسان وٽ اهڙي اڻ اعلانيل قانونسازي ٿيل آهي جو عورت کي ان جي ڀڃڪڙي جي سخت سزا ملندي آهي. اسان جي معاشري ۾ عورت چاهي ماءُ هجي، ڀيڻ هجي، گهرواري هجي يا ڌيءُ هجي ان جي حياتي ان جي مرد وارث جي هٿ ۾ هوندي آهي. عورت اهو مزدور آهي جنهن کي عورتن جي ڏهاڙي تي به موڪل ناهي ملندي، عيد هجي يا هولي، ڏياري هجي يا ڪرسمس گهر ۾ ڪم عورت کي ئي ڪرڻو پوندو آهي ۽ انهن ڏهاڙن تي عورتن جو ڪم گهٽ ٿيڻ بدران وڌي ويندو آهي. چوڻ لاءِ ته اسان 21هين صدي ۾ رهون پيا پر عورت جي حوالي سان اسان اڃا تائين ٻه هزار سال پراڻي سوچ ۾ ڦاٿا پيا آهيون. اسان وٽ عورت کي جيئڻ جو حق به نه پيو ڏنو وڃي ته باقي ٻيا حق ڪيئن ملي سگهن ٿا. بهتر خوراڪ به عورت لاءِ نه آهي. والد يا مڙس جي ملڪيت ۾ پاڻمرادو حصو ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي انهن کي حصو گهرڻ تي  حصو نه پر موت ملندو آهي. حڪومت ان باري ۾ ڪي به قدم کڻي نه سگهي آهي. اسان جو حڪومتن کان مطالبو آهي ته رڳو عورتن کي تقريرن جي حد تائين نه پر عملي طور تي به حق ڏنا وڃن. کين سوچ جي آزادي ملڻ گهرجي، کين تحفظ ملڻ گهرجي، کين بهترين خوراڪ ۽ تعليم جو حق به ملڻ گهرجي. پهرين ان باري ۾ حڪومت عملي قدم کڻي ۽ پوءِ معاشري کي مجبور ڪري ڇاڪاڻ ته تجربو ٻڌائي ٿو ته عورت کي حق بنا سختي ڪرڻ جي وٺي ڏيڻ ناممڪن آهي.