ڪراچي (نمائندن وٽان) حيدرآباد  ۾ سنڌ  شاگرد سڀا جي سڏ تي بلال ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي غني الله، شهباز خان، رحيم کوسو ۽ ٻين چيو ته نوجوان بلال ڪاڪا کي پوليس جي موجودگي ۾ بيگناهه قتل ڪيو ويو پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ لکين ڌاريا مستقل بنيادن تي آباد آهن پر کين نيڪالي نه پئي ڏني وڃي جڏهن ته سپريم ڪورٽ پاران واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن ته غير ملڪي توڙي افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي پر ان تي وفاقي توڙي صوبائي سرڪار ڪو به عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ شاگرد سڀا پاران اوشاق عباسي، عادل عباسي، فدا حسين پنهور احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. نصيرآباد ۾ سنڌ شاگرد سڀا پاران اظهر جلباڻي، امجد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نوابشاهه ۾ سنڌ شاگرد سڀا پاران ڌاري آبادڪاري خلاف جانب وساڻ، بابر ڏاھري، حنان عباسي، حسن کوکر، ڪاشف لاکو، فرحان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،جهڏو ۾ عوامي تحريڪ پاران اياز کوسو، مهراڻ درس، اشرف رند، ممتاز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مٺي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌ شاگرد سڀا پاران بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف وسند ٿري، ڪبير ڀيل، سائينداد هنڱورجو، ڪرشن ميگهواڙ، راجيش رگهاڻي، پرديپ سنڌي، آصف نواز، رحيم سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻا هنيا ويا،مريدشاخ ۾ سنڌ شاگرد سڀا ۽ جسقم طرفان ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شاهپورچاڪر ۾ جساف پاران الياس بروهي،  زاهد ڏاهري، عرفان ڏاهري، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،راڻيپور ۾ سنڌ شاگرد سڀا پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.