حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ گرفتار چئن جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 جي عدالت ۾ ڀٽائي نگر پوليس گرفتار  ٿيل مک جوابدار شاهه سوار پٺاڻ، سندس ڀاءُ افضل خان پٺاڻ، پٽ احمد يار ۽  محمد گل پٺاڻ کي رمانڊ لاءِ سخت پهري هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کي درخواست ڪئي ته سندن جوابدارن کان آڏي پڇا وارو سلسلو اڃا جاري آهي ان لاءِ سندن رمانڊ منظور ڪيو وڃي. عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. فريادي سلام ڪاڪا جي وڪيل شهباز رند ٻڌايو ته عدالت ۾ ڪيس جي ٻن شاهدن سرفراز عرف جاني ۽ ذيشان جمالي پنهنجو 164 وارو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. وڪيل موجب ته ڪيس ۾ نامزد ٻيا جوابدار اڃا گرفتار ناهن ٿيا ان ڪري عدالت جاچ آفيسر سليمان لاشاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته فوري طور تي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. 12 جولاءِ تي واڌو واهه وٽ قائم هوٽل تي معمولي ڳالهه تان هوٽل مالڪ ۽ ويٽرز تشدد ڪري نوجوان بلال ڪاڪا کي قتل ڪيو هو. ڀٽائي نگر پوليس واقعي جو ڪيس سندس ڀاءُ سلام ڪاڪا جي فرياد تي 10 ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو. پوليس ڪيس ۾ هيستائين 4 جوابدار گرفتار ڪيا آهن جڏهن ته 6 ڄڻن کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي.