سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان طرفان سکر پريس ڪلب ۾ “ ٻوڏ سبب سکر ڊويزن ۾ عوامي صحت کي درپيش  چئلينجز ۽ خوراڪ جي  پيداوار جي اڻاٺ جا امڪاني خطرا” جي عنوان ھيٺ اجلاس ٿيو، ڪميشن جي سنڌ جي وائيس چيئرمين قاضي خضر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو،  اجلاس جي شروعات ريجنل ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊئي ڪندي چيو ته گڏ ٿيڻ  جو مقصد سکر ڊويزن ۾ ٻوڏ بعد صورتحال جو جائزو وٺڻ،  سڄاڻ شھرين ۽ عيوضين جي مشاھدن ۽ عوامي اھنجن کي اجاگر ڪري انھن جي تدارڪ لاءِ سرڪار جو ڌيان ڇڪائڻ آھي. ان موقعي تي نامياري يورالاجسٽ ڊاڪٽر محمد خان ٻٻر چيو ته  ٻوڏ جتي بيمارين جو سبب بڻي، اتي ڪيمپن ۾ متاثر ماڻھن ۾ اڳ ئي لڳل بيمارين جي سڃاڻپ پڻ ٿي. ھن جو رايو ھو ته ماڻھن ۾ سٺ سيڪڙو پيشاب سان لاڳاپيل بيماريون ۽ نفسياتي صحت جا مسئلا پڌرا ٿيا. ھن زور ڀريو ته عوامي صحت جون سھولتون  بھتر فراھم ڪرڻ لاءِ  سنڌ سطح تي صحت کاتي ۽ سرڪار سان  انساني حقن جون تنظيمون اجلاس ڪن.سنڌ سھائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجي چيو ته پڪا چانگ ۽ فيض گنج جي علائقن مان اڃا پاڻي نه نڪتو آهي ۽ ماڻھو در بدر آھن، مليريا چمڙي ۽ گائني جا مرض وڌيڪ ظاھر ٿيا آھن. ھن چيو ته ڳورهاري عورتن لاءِ  خاص اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آھي. خيرپور جي منور ٽالپر تجويز ڏني ته صحت کاتي جي انتظامي سرشتي کي سڌارڻ جي ضرورت آھي. ھن ان مقصد لاءِ  تعلقه سطح تي ڪميٽيون ٺاھڻ تي زور ڀريو.ٻارن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر غلام رسول گھمري چيو ته  ٻارن ۾ مليريا جو وبائي مرض ھڪ خطرناڪ رجحان جي نمائندگي ڪري ٿو ان سان گڏوگڏ ھن جو چوڻ ھو سنڌ تازي برساتي ٻوڏ جي تباه ڪارين جي نتيجي ۾ پنجن کان ڏھ سال پوئتي ڌڪجي وئي آهي.ھن نمونيا سبب ٻارڙن  ۽ ڳورهاري عورتن جي متاثر ٿيڻ جي پڻ ڄاڻ ڏني . صنم منگي ٻڌايو ته خيرپور ضلعو جو  پنجھتر سيڪڙو دارومدار زراعت تي آهي.  ٽالپر وڏا ،ٺري مير واھ ۽ فيض گنج زرعي لحاظ کان تباھ ٿي چڪا آهن. ھن ٻڌايو ته عورتن کي سيفٽي ڪٽس جي فراهمي جو جوڳو بندوبست نه ھجڻ ڪري کين انتھائي دردناڪ مرحلي مان گذرڻو پيو. .ھن چيو ته بيٺل پاڻي گدلو ۽ سينکيو بڻجي ويو آهي. سٺي ايمبولينس سروس جو انتظام ڪيو وڃي،  ڊاڪٽر جاويد احمد شيخ ٻڌايو ته  ضلعي ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين دست , مليريا ۽ ڊينگي کي کاتي منظم طريقي سان منھن ڏنو ، ھن چيو ته وٽن صرف جارج  ايمبولينس آھن، جڏھن ته اسان جي گھٽ ۾ گھٽ گھرج ٽيهن جي آھي پنوعاقل جي ھاري ڪارڪن شاھ محمد انڊھڙ   ٻڌايو ته ھڪ  جراثيم ڪش  اسپري سبب پاڻي زھريلو ٿي ويو، جنھن سبب جانورن کير  ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو.  ھن ڄاڻ ڏني ته  پاڻي ۾ لاڳيتو بيھڻ سبب جانورن جي کرن ۾ جيت پيدا ٿي ويا آھن، لائيو اسٽاڪ جي کاتي کي فورن تحرڪ ۾ اچڻ کپي. غزاله انجم مقامي انتظاميا ۽ اڳوڻي ميئر ارسلان شيخ چيو ته نيڪال جي   کوھن جي صفائي نه ٿيڻ سبب سکر ۾ برساتي ٻوڏ آئي هئي جنھن تي ھاڻ ڌيان ڏنو وڃي. صفيه بلوچ چيو ته ٻھراڙيءَ جي عوام لاءِ صحت جو ڪو صحيح بندوبست نه ھيو. سنڌ حڪومت صورتحال کي منھن ڏيڻ ۾ ناڪام رھي. شاھ محمد انڍڙ جو چوڻ ھو ته آبادگار اوڌر تي ڀاڻ ٻج وٺندو آهي ھن سال فصل نه بچڻ ڪري ھو پريشان آهن. ڊي اي پي ڀاڻ کانسواءِ ڪڻڪ ويھن کان ٽيهه سيڪڙو مس ٿيندي. ھن چيو ته ھينئر ٻوڏ وارن کي پاڻي جي نه پر خشڪ زمينن کي پاڻي گھربل آھي. ريگيوليٽر بھتر بنائڻ جي ضرورت آھي. ايڊووڪيٽ  الطاف مري چيو ته خيرپور70 لک ٽن کجي پيدا ڪري ٿي. آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيو آهي جنھن جو ازالو ڪيو وڃي.  سپريم ڪورٽ جي نامياري وڪيل چتاءُ ڏيندي چيو ته خيرپور ضلعي جي ٺري ميرواهه   فيض گنج  جي  علائقن ۾ رستن جي ڪناري  ترسيل ماڻھن جي بک ۽ سيءَ وگھي مرڻ جو خدشو ڏيکاريو آهي. ھن چيو ته ھو انساني ضمير کي اپيل ڪري رھيو آھي ته انساني حياتيون بچائڻ لاءِ اڳتي اچن.   صدارتي رمارڪس ۾ وائيس چيئرمين سنڌ ايچ آر سي پي چيو ته ويجھڙائيءَ ۾ ٿيندڙ تباھ ڪن ٻوڏ ۾ رياست ڪٿي به عوام کي بچائيندي نظر نه آئي. گڏجاڻي م ڪميشن جي ڪائونسل ميمبر امدادالله کوسو. پروجيڪٽ انچارج مريم  رئوف، اسسٽنٽ ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين . ليکڪ فيض سومري  سائره خاصخيلي ، فرزانه کوسو  ، منيب ابڙو ۽ نويد  شر شرڪت ڪئي.