حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير شهلا رضا چيو آهي ته عدالتن کي گھرجي ته اھي ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي بيانن تي ڀروسو نه ڪن ته جيئن اهڙي قسم جا ڪيس چائلڊ پروٽيڪشن جي زمري ۾ اچن ۽ ملوث ماڻهن کي سزا ملي سگهي. حيدرآباد جي دوري دوران قاسم آباد ۾ قائم دارالامان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهلا رضا چيو ته ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي ورغلائي ساڻن شاديون ڪندڙن کي سزائون ڏيڻ عدالتن جو ڪم آھي. اسان قانون ته ٺاھيو آھي پر ان تي عمل ڪرائڻ عدالتن جي ذميواري آهي. هن چيو ته قاسم آباد ۾ قائم دارالامان ۾ هن وقت 15 عورتون ۽ 3 ٻار موجود آهن. 18 سالن کان گهٽ عمر وارين ڇوڪرين وارو معاملو چائلڊ پروٽيڪشن وارا ڏسن ٿا پر سندن مدد ڪئي وڃي ٿي. صوبائي وزير چيو ته ناريون گهران نڪري وڃن ٿيون ان جو مطلب اهو ناهي ته هو اغوا ئي ٿين ٿيون ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪيسن ۾ ناريون پاڻمرادو گهران نڪري وڃن ٿيون پر بعد ۾ معاملو ٿاڻن تائين پهچي ٿو جتي ڪجهه نارين جي حوالي سان اغوا جا ڪيس به داخل ٿي وڃن ٿا پر حقيقت ائين ناهي هوندي. هن چيو ته نارين جي گهران نڪرڻ کانپوءِ سندن والدين سخت پريشان ٿي وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته ڪنهن جي به موت تي هر ماڻهو صبر ڪري وڃي ٿو پر جيئري اولاد گم ٿي وڃي ته ان تي کين صبر ئي ناهي ايندو. فتح چوڪ واري علائقي سان تعلق رکندڙ نينگري چندا ميگهواڙ جي حوالي سان شهلا رضا چيو ته هو ننڍي عمر جي آهي جنهن ڪري عدالتي حڪم کانپوءِ ان کي دارالامان ۾ ترسايو ويو آهي. چندا ميگهواڙ جي مذهب تبديلي وارو معاملو ۽ ساڻس ننڍي عمر ۾ شادي ٻئي الڳ معاملا آهن پر عدالت ۾ چندا پاڻ اقرار ڪري چڪي آهي ته هن مرضي سان مذهب تبديل ڪري پسند جو پرڻو ڪيو آهي. پريٽ آباد جي رهواسڻ نينگري ام هاني بابت شهلا رضا چيو ته اها ڏسڻ ۾ ئي عمر جي ننڍي ٿي لڳي پر سندس واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ کان پهرين ئي شادي جو نڪاح نامو اچي ويو هو. ام هاني واري معاملي تي چائلڊ ايڪٽ نه لڳو. کيس نوجوان سان وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. ننڍين نينگرين جي شادي روڪڻ لاءِ جاڳرتا جي ضرورت آهي والدين کي صلاح آهي  ته پنهنجي اولاد تي نظر رکن.