ڪراچي: سنڌ سرڪار عمر شريف جي علاج لاءِ چار ڪروڙ رپيا جاري ڪيا هئا، جنهن مان آمريڪا مان ايئر ايمبولينس گهرائي وئي هئي، جيڪا 26 سيپٽمبر تي پاڪستان تي پهتي،عمر شريف 28 سيپٽمبر تي پنهنجي گهر واري زرين غزل سان گڏ ايئرايمبولينس رستي آمريڪا لاءِ روانو ٿيو هو پر رستي ۾ طبيعت خراب ٿيڻ ڪري کيس جرمني جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هن دم ڏنو ، سنڌ صحت کاتي پاران عمر شريف جي گهر واري فرح ديبا، پٽن فواد عمر ۽ جواد عمر لاءِ آمريڪا جون ٽڪيٽون بوڪ ڪرايون ويون هيون، جيڪي 28 سيپٽمبر تي واشنگٽن روانا ٿيا هئا