ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي پوليس جي ڦڙتي، ڊي جي ايڪسائيز جي آفيس تي ڇاپو، مبينه يرغمالي بازياب، ايڪسائيز اھلڪار سميت 3 سوگها، ايڪسائيز کاتي الزام ھنيو آھي ته پوليس ايڪسائيز ٿاڻي تي چڙھائي ڪري ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار کي لاڪپ مان ڇڏائي نائيٽ گارڊ کي به پاڻ سان گڏ کڻي وئي، ان ڏس ۾ پيرآباد پوليس رات دير سان آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع ڊي جي ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس آفيس تي ڇاپو ھنيو، پوليس موجب ڇاپي دوران يرغمالي علي حسين کي بازياب ڪرائي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب 2 ڏينھن اڳ پوليس وردي پاتل 6 جوابدارن پيرآباد واري علائقي مان زيرڪي دڪاندار علي حسين کي اغوا ڪيو هو، انهي واقعي جو ڪيس پيرآباد ٿاڻي تي داخل آھي، ڇاپو ھڻندڙن ۾ هڪ عورت به شامل ھئي. پوليس موجب جوابدار 2 تولا سون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا ھئا، پوليس موجب علي حسين جي وارثن کي فون ڪري 20 لک ڀنگ گھريو ويو، بعد ۾ 5 لکن ۾ معاملو طئه ٿيو، جوابدارن يرغمالي جي وارثن کي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي گھرايو، اهي کين ڊي جي ايڪسائيز جي آفيس ۾ وٺي ويا، انهي دوران پوليس ايڪسائيز آفيس تي ڇاپو ھڻي علي حسين کي عقوبت خاني ( عذيت گهر) مان بازياب ڪرايو، گرفتار جوابدارن ۾ جان محمد ايڪسائيز اھلڪار آھي، باقي عبدالخالق ۽ ياسين جو تعلق ايڪسائيز سان ناھي، کانئن پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ھوڏانھن ايڪسائيز کاتي جي انسپيڪٽر جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ بيان جمع ڪرائيندي چيو ته جوابدار علي حسين کي پهرين آڪٽوبر تي ڀنگ سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. پوليس چڙھائي ڪري ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي ڇڏائي نائيٽ گارڊ کي به پاڻ سان کڻي وئي، جوابدار کي 2 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻو ھو پر فجر جو پوليس چڙھائي ڪئي، نه رڳو اهو پر پوليس انٽري به نه ڪرائي. ھوڏانھن پوليس موجب ايڪسائيز وارن 31 سيپٽمبر تي علي حسين کي کنيو پر پيرآباد ٿاڻي تي انٽري نه ڪرائي. پوليس موجب ڀنگ گھرڻ جا ثبوت موجود آھن، جاچ ۾ سڀ ڪجھه واضح ٿي ويندو. پوليس موجب ايڪسائيز وارن ايف آئي آر بعد ۾ داخل ڪئي آهي