ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ ۾ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي ڪامورن جا 10 مهينن دوران شاهي خرچ، انٽرنيشنل ٽريننگز، مُلڪي سطح تي هوائي جهازن جي سفر، سفري الائونسن، مانجھاندي، سامان جي خريداري سميت ٻين مختلف مدن ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا. گاڏين جي مرمت ۽ ملازمن کي اوور ٽائيم جي مد ۾ ڪامورن ۽ ملازمن کي پئسا نه ملڻ باوجود وڏي رقم خرچ ڏيکاري وئي! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي اهم کاتي ۾ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ۾ ڪامورن جي شاهي خرچن جو داستان سامهون آيو آهي، “پنهنجي اخبار” پاران هٿ ڪيل انگن اکرن موجب 10 جولاءِ 2020ع کان اپريل 2021ع تائين هلندڙ مالي سال جي رڳو 10 مهينن دوران ڪامورن جي انٽرنيشنل ٽريننگ جي مد ۾ 5 ڪروڙ 15 لک 91 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، مُلڪي سطح تي ڪامورن جي جهاز جي ٽڪيٽن ۽ ايئرپورٽ ڏانهن اچ وڃ تي مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 39 لک 4 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پرنٽنگ ۽ پبليڪيشن جي مد ۾ پڻ 31 لک 18 هزار رپيا ۽ اخبارن جي خريداري جي مد ۾ 4 لک 41 هزار رپيا ڏيکاريا ويا آهن، 64 لک 34 هزار رپين جي اسٽيشنري خريد ڪئي وئي، ڪامورن جي سفري الائونس جي مد ۾ 32 لک 81 هزار 448 رپيا ۽ ٽيليفون بِل جي مد ۾ 21 لک 31 هزار 643 رپيا ادا ڪيا ويا، جڏهن ته متفرق خرچن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 85 لک 39 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا، اها رقم صوبائي وزيرن، ڪامورن، آفيسن جي خرچن ۽ ٻين اهڙن معاملن تي ڪئي وئي آهي، جنهن جو سِڌي ريت ذڪر ڪرڻ بجاءِ رڳو خرچ ڏيکاريو ويو آهي! ٻئي طرف ٽرانسپورٽ جي مد ۾ 2 ڪروڙ 60 لک 8 هزار رپيا، مشنري جي خريداري جي مد ۾ 18 لک 29 هزار 830 رپيا، فرنيچر جي خريداري جي مد ۾ مختص ٿيل 22 لک 73 هزار بجيٽ مان 22 لک 52 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح هارڊ ويئر جي مد ۾ 11 لک رپيا، ننڍن ملازمن جي يونيفارم خريداري جي مد ۾ به 54 لک رپين کان مٿي رقم خرچ ڏيکاري وئي آهي. سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ عملدرآمد کاتن جي ٽن سيڪريٽرين پاران 10 مهينن ۾ 24 لک رپين جو رڳو مانجھاندو ڪيو آهي! جڏهن ته 34لک 45 هزارن مان باھ وسائيندڙ اوزارن ۽ ڪمپيوٽرن جي خريداري ڏيکاري وئي آهي، کاتي جي ملازمن ۽ ڪامورن کي اوور ٽائيم جي مد ۾ ڪا رقم ناهي ڏني وئي، انهي باوجود اوور ٽائيم جي مد ۾ 11 لک 1700 رپيا خرچ ڏيکاريا ويا آهن، واضح رهي ته کاتي جي سيڪشن آفيسرن ۽ ڊپٽي سيڪريٽرين سطح جي ڪامورن کي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران گاڏين جي مرمت جي مد ۾ به ڪا رقم ناهي ڏني ويندي ۽ نه ئي کين گاڏين جي مرمت ڪرائي ڏني ويندي آهي، انهي باوجود ڪروڙين رپيا خرچ ظاهر ڪيا ويا آهن.