ڪراچي: اسٽيشنري جي مد ۾ 64 لکن جي وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود سروسز کاتي جي عملدرآمد ۽ ڪوآرڊينيشن ونگ جي سيڪريٽري پاران 2 مهينا اڳ چيف سيڪريٽري کي شڪايت ڪئي وئي هئي ته کين اسٽيشنري جو سامان نه پيو ڏنو وڃي! ذريعن موجب 2 مهينا اڳ اسٽيشنري جي کوٽ وارو معاملو چيف سيڪريٽري تائين پهتو هو، جنهن تي چيف سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي هئي ته عملدرآمد ونگ جي سيڪشن آفيسرن، ڊپٽي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽرين ۽ سيڪريٽرين کي اسٽيشنري مهيا ڪئي وڃي.