سنڌ جي مختلف شھرن ۾ حددخلين خلاف آپريشن، مظاھرا

0
216

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ائنٽي انڪروچمينٽ سيل جو هل پارڪ جي 4 بنگلن خلاف آپريشن، عملي ڳري مشينري سان عمارتن جي مختلف حصن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، اختيارين جو چوڻ آهي ته هل پارڪ سان لاڳاپيل بنگلن کي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي مسمار ڪيو پيو وڃي، نقشي موجب اهي بنگلا هل پارڪ جي حدن ۾ آهن، آپريشن مڪمل ٿيڻ ۾ هڪ هفتو لڳي ويندو، خيرپور جي شهيد آباد پاڙي ۾ گهر ڊاهڻ خلاف رهواسي رستن تي نڪري آيا، عورتن ۽ ٻارن سوڌو حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن خلاف احتجاج، مظاهرين جو چوڻ آهي ته ورهين کان گهرن ۾ رهون ٿا، انتظاميا مختلف بهانا ڪري بي گهر ڪري رهي آهي، گهر ڊاهڻ جو سلسلو بند نه ٿيو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو، روهڙي ۾ ريلوي انتظاميا حددخلين خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن، لوڪو شيڊ ڪالوني ۾ ريلوي عملدارن ڳري مشينري سان ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا.