اڄوڪي اجلاس ۾ ارسا ميمبرن ۾ ڪو به جهيڙو ناهي ٿيو: ترجمان

0
204

اسلام آباد: ارسا پنهنجو وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اڄ پاڻي جي صورتحال تي غورڪرڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دريائن جي صورتحال ڏسندي پاڻي جي صورتحال 21 مئي جي فيصلن جي موجب جاري رکڻ جو فيصلو ٿيو، ارسا ترجمان محمد خالد ادريس رانا جو جوچوڻ آهي ته اجلاس ۾ سنڌ جي ميمبر پنجاب جي تونسه، پنجند لنڪ ڪينال کان 500 ڪيوسڪ پاڻي استعمال ڪرڻ تي اعتراض ڪيو، ترجمان موجب اجلاس ۾ پنجاب جي ميمبر پنهنجو موقف پيش ڪيو ته واٽر اڪارڊ جي شق 14 بي هر صوبي کي حق ڏيئي ٿو ته هو پنهنجو پاڻي ڪنهن به ڪينال ۾ وٺي سگهي ٿو، ترجمان موجب ارسا هن ڳالهه جي واضح ترديد ڪري ٿو ته اڄوڪي اجلاس ۾ ارسا ميمبرن ۾ ڪو به جهيڙو ناهي ٿيو.