ڪراچي: سنڌ جو سموريون خانگي ۽ سرڪاري يونيورسٽيون ۽ هنري سکيا جا سرڪاري ادارا 17 مئي تائين بند رکڻ جو اعلان، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب يونيورسٽين ۾ فزيڪل ڪلاس بند رهندا، جڏهن ته شاگرد آن لائين تعليم حاصل ڪري سگهندا. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تعليمي بورڊن ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي ماتحت سمورن ادارن ۾ ملازمن جي حاضري 20 سيڪڙو رهندي.