سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي خورشيد شاھ، صوبائي وزير اويس قادر شاھ، ايم پي اي فرخ شاھ سميت ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري ھڪ ارب 23 ڪروڙ رپين واري ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، خورشيد احمد شاھ کي ايمبولنس ذريعي احتساب عدالت آندو ويو، جڏھن ته ايم پي اي فرخ شاھ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏھن ته صوبائي وزير اويس قادر شاھ عدالت ۾ پيش نه ٿيو. ٻڌڻي دوران وڪيل طرفان ايف بي آر جي گواھ کان آڏي پڇا ڪئي، جنھن کان پوءِ درخواست جي ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي. هوڏانهن احتساب عدالت ٻاھران ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي خورشيد شاھ چيو ته ڪورونا ايمرجنسي ڊڪليئر ڪئي وڃي، حڪومت کي مهانگائي، بيروزگاري سبب پريشان عوام جو ڪورونا جي صورتحال ۾ خيال رکڻ گھرجي، پاڪستان پاران ڀارت کي تعاون واري ڪيل پيش ڪش واري سوال جي جواب ۾ سيد خورشيد احمد شاھ جو چوڻ ھو ته پاڪستان ڀارت کي تعاون جي پيش ڪش ڪري سٺو قدم کنيو آهي پر ڀارت ڪو ريسپانس ناهي ڏنواهڙو ڪو به قدم نه کڻجي جنهن سان ساک متاثر ٿئي، ھن چيو ته اسان ڪافي اتحاد ٺهندي ۽ ڊهندي وري مضبوطي سان ٺهندي ڏٺا آھن، عمران خان کي 5 سال مڪمل ڪرڻ ڏنا وڃن ته جيئن هو چڱي ريت عوام آڏو ظاهر ٿي سگهي، پي ڊي ايم متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ خورشيد شاھ چيو ته سياست ۾ معافيون نه پر نظرياتي سوچ هجي ٿي، هر جماعت پنھنجي نظريي ۽ سوچ سان ھلندي آھي. ھن چيو ته قاضي فائز عيسي نظرثاني وارو فيصلو تمام سٺي ڳالهه آھي، عدالتن ۾ تمام سٺا ۽ آزاد سوچ رکندڙ جج آهن.