لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان جي صدارت هيٺ ڪورونا جي تازي صورتحال بابت گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاءِ ڊپينڊينسي يونٽ ايڇ ڊي يو کي جلد فعال ڪيو ويندو ۽ يونٽ جي گهرجن جي حوالي سان صحت جي سيڪريٽري کي فوري خط لکيو پيو وڃي، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽيءَ جي آريجا واري ڪيمپس ۾ نرسنگ هاسٽل کي ڪورنٽائين سينٽر ۾ تبديل ڪيو ويندو، جڏهن ته مريضن کي سهولتون ايم ايس، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي ايچ او طرفان ڏنيون وينديون. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 17 مئي کان شاگردن جا آن لائين ڪلاس شروع ڪيا ويندا، يونورسٽيءَ طرفان ايمرجنسي لاڳو ڪري سموري اسٽاف کي پابند ڪيو ويو آهي ته اڳواٽ اجازت کان سواءِ ڪو به ملازم هيڊڪوارٽر نه ڇڏي.