ڪراچي: سنڌ ۾ 30 اپريل کان انٽر سٽي (شهرن وچ ۾ هلندڙ) ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ٽرانسپورٽ کاتي جي اختيارين ڄاڻايو آهي ته ڪورونا صورتحال سبب انٽر سٽي ٽرانسپورٽ 30 اپريل کان بند ڪئي ويندي. ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاھ جو چوڻ آهي ته ڪورونا سبب هاٽ اسپاٽ قرار ڏنل علائقن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ مڪمل طور تي بند رهندي. جڏهن ته ڪراچي شهر ۾ هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو مسافر کڻڻ جي اجازت هوندي.