سنڌ جي شهري آبادي ٻهراڙي کان 23 لک وڌيڪ ظاهر، ڪل آبادي سوا 5 ڪروڙ ٿي وئي

0
166
سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙ لينڊ گريبرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو
سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙ لينڊ گريبرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي ڪل آبادي 22 ڪروڙ کان وڌي وئي، 3 سالن اندر سوا ڪروڙ اضافو، 2017ع ۾ شهري آبادي گهٽ ڏيکارڻ واري اعتراض کانپوءِ وفاقي حڪومت پاڪستان ڊيموگرافڪ سروي رپورٽ جاري ڪندي سنڌ جي ٻهراڙين کان شهري آبادي وڌيڪ ظاهر ڪري ڇڏي

3 سالن ۾ شهري آبادي ۾ 23 لک 68 هزار 122 جي اضافي ۽ ٻهراڙي جي آبادي 3 سالن ۾ 18 لک 53 هزار 918 وڌڻ جي دعويٰ، وفاقي حڪومت ڊيموگرافڪ سروي 2020ع جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪندي چيو ويو آهي ته ملڪ جي ڪل آبادي 22 ڪروڙ 4 لک 25 هزار 294 تائين پهچي وئي آهي، جنهن ۾ مردن جو تعداد 11 ڪروڙ 16 لک 93 هزار 464، عورتن جو تعداد 10 ڪروڙ 87 لک 31 هزار 790 شامل آهن، پاڪستان جي شهري علائقن جي آبادي 8 ڪروڙ 10 لک 14 هزار 134 جڏهن ته پاڪستان جي ٻهراڙين جي علائقن جي آبادي 13 ڪروڙ 94 لک 11 هزار 114 آهي

جڏهن ته 2017ع ۾ سڄي ملڪ جي آبادي 20 ڪروڙ 76 لک 84 هزار 626 هئي جيڪا وڌي آبادي 22 ڪروڙ 4 لک 25 هزار 294 تائين پهچي وئي آهي يعني 3 سالن ۾ هڪ ڪروڙ 27 لک 40 هزار 628 جو اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو  ويو آهي ته پنجاب صوبي جي آبادي 11 ڪروڙ 83 لک 65 هزار 259 آهي، خيبر پختون خوا جي ڪل آبادي 3 ڪروڙ 69 لک هڪ هزار 290، بلوچستان جي ڪل آبادي هڪ ڪروڙ 30 لک 82 هزار 155 آهي، جڏهن ته سنڌ صوبي جي ڪل آبادي 5 ڪروڙ 20 لک 76 هزار 552 تي پهتي آهي، جنهن ۾ 2 ڪروڙ 69 لک 512 مرد، 2 ڪروڙ 51 لک 25 هزار 394 عورتون شامل آهن، 2017ع ۾ سنڌ جي ڪل آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 ڄاڻائي وئي هئي، جيڪا هاڻ وڌي آبادي 5 ڪروڙ 20 لک 76 هزار 552 تي پهتي آهي

يعني 42 لک 22 هزار 42 جو اضافو ٿيو آهي. اهڙي ريت 2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ جي شهري آبادي 2 ڪروڙ 48 لک 32 هزار 634 ڄاڻائي وئي هئي، هاڻ اها وڌي 2 ڪروڙ 72 لک 756 تي پهچي وئي آهي، يعني 3 سالن ۾ 23 لک 68 هزار 122 جو اضافو ٿيو آهي، 2017ع جي آدمشماري ۾ ٻهراڙي جي آبادي 2 ڪروڙ 30 لک 21 هزار 876 هئي، جيڪا هاڻ وڌي 2 ڪروڙ 48 لک 75 هزار 794 ٿي وئي آهي، 3 سالن ۾ 18 لک 53 هزار 918 جو اضافو ٿيو آهي