اسلام آباد: سنڌ صوبي جي ڪل آبادي 5 ڪروڙ 20 لک 76 هزار 552 تي پهتي آهي، جنهن ۾ 2 ڪروڙ 69 لک 512 مرد، 2 ڪروڙ 51 لک 25 هزار 394 عورتون شامل آهن، 2017 جي آدمشماري ۾ سنڌ صوبي جي ڪل آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 ڄاڻائي وئي هئي، جنهن ۾ مردن جو تعداد 2 ڪروڙ 48 لک 76 هزار 186 هو ۽ عورتن جو تعداد 2 ڪروڙ 29 لک 72 هزار 370 هو، يعني مردن جي آبادي ۾ 20 لک 24 هزار 326 لک ۽ عورتن جي آبادي ۾ 21 لک 53 هزار 24 جو اضافو ٿيو آهي. جڏهن ته ڊيموگرافڪ سروي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ صوبي اندر هڪ کان ٻه سالن جي عمر رکندڙ آبادي ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جو تعداد وڌيڪ آهي، 50 کان 54 سالن جي عمر رکندڙ توڙي 85 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر رکندڙ آبادي ۾ به مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جو تعداد وڌيڪ آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ صوبي ۾ هڪ سال کان گهٽ عمر رکندڙ ٻارن جو تعداد 11 لک 24 هزار 752 آهي، سنڌ صوبي ۾ هڪ کان ٻن سالن جي عمر رکندڙن جو تعداد 22 لک 51 هزار 404 آهي، جنهن ۾ 11 لک 13 هزار 98 ڇوڪرا ۽ 11 لک 38 هزار 306 ڇوڪريون شامل آهن، 3 کان 4 سالن جي عمر رکندڙ سنڌ اندر 29 لک 11 هزار 592، 5 کان 9 سالن جي عمر رکندڙ 72 لک 22 هزار 722، 10 کان 14 سالن جي عمر رکندڙ 63 لک 89 هزار 896، 15 کان 19 سالن جي عمر رکندڙ 54 لک 3 هزار 217، 20 کان 24 سالن جي عمر رکندڙ 47 لک 72 هزار 85، 25 کان 29 سالن جي عمر رکندڙ سنڌ اندر 39 لک 75 هزار 211، 30 کان 34 سالن جي عمر رکندڙ 34 لک 71 هزار 507، 35 کان 39 سالن جي عمر رکندڙ سنڌ اندر آبادي 31 لک 80 هزار 224، 40 کان 44 سالن جي عمر رکندڙ 25 لک 40 هزار 410، 45 کان 49 سال عمر رکندڙن جو سنڌ اندر ڪل تعداد 18 لک 84 هزار 922، 50 کان 54 سالن جي عمر رکندڙ 20 لک 88 هزار 622 آهن، جن ۾ 9 لک 9 هزار 159 مرد، 11 لک 79 هزار 463 عورتون شامل آهن، 55 کان 59 سالن جي عمر رکندڙن جو تعداد 15 لک 68 هزار 892، 60 کان 64 سالن جي عمر رکندڙن جو تعداد سنڌ اندر 12 لک 61 هزار 126، 65 کان 69 سالن جي عمر رکندڙ 8 لک 93 هزار 176، 70 کان 74 سالن جي عمر رکندڙ 6 لک 11 هزار 981، 75 کان 79 سالن جي عمر رکندڙ 2 لک 69 هزار 518، 80 کان 84 سالن جي عمر رکندڙن جو تعداد هڪ لک 55 هزار 224، جڏهن ته 85 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر رکندڙن جو سنڌ صوبي اندر تعداد هڪ لک 71 آهي، جن ۾ 46 هزار 262 مرد ۽ 53 هزار 809 عورتون شامل آهن.