سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪيو وڃي: وڏو وزير

0
186
سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وڏي وزير مراد علي شاھ ھدايتون ڪيون تھ سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ جلد قدم کنيا وڃن

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس دوران مراد علي شاھ پاران ڪابينا کي ھدايتون جاري ڪيون ويون، وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي وزيرن کانسواءِ صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ واڳيل عملدارن شرڪت ڪئي، 19 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو

The Anatomy of Pakistan's 2022 Floods – The Diplomat

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت جو طريقيڪار آخري مرحلن ۾ آهي، پ پ چيئرمين جي هدايت تي آبادگارن کي ٻج ڏيڻ لاءِ في ايڪڙ تي 5 هزار رپيا جلد ڏيڻ شروع ڪيا ويندا

ٻئي پاسي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊ لاءِ ٻين صوبن مان پوليس گهرائڻ ممڪن ناهي، سنڌ سرڪار ٻن مرحلن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو چيو هو، ايم ڪيو ايم سان ٿيل معاهدن تي عمل ٿئي پيو

صوبائي وزير جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي، ڳالهيون هلنديون رهنديون آهن، جيڪو معاهدو ڪيو آهي، ان تي عمل ڪيو پيو وڃي

ھي به پڙھندا

ملڪ ڏيوالي مان نڪري چُڪو، ٻوڏ سبب لکين ماڻهو متاثرٿيا، بحاليءَ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون: بلاول

وڏي وزير تعليم کاتي ۾ وڌيڪ 4 هزار 759 استادن ۽ آفيسرز جي ڀرتين جي منظوري ڏئي ڇڏي