اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سنڌ جي تقريبن سمورن حقدارن کي امدادي 25 هزار ڏيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، اين ڊي ايم اي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ صوبي جي 6 لک 69 هزار 123 گهراڻن مان 5 لک 97 هزار 312 گهراڻن کي روڪ امداد ڏني وئي آهي. ڪالهه ملڪ اندر ٻوڏ سبب 16 سيپٽمبر تائين ٿيل جاني توڙي مالي نقصان جا تفصيل جاري ڪيا ويا، اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب ملڪ اندر مجموعي طور تي 37 ڄڻا فوت ٿيا، جن مان 32 ڄڻا سنڌ صوبي ۾ ۽ 5 بلوچستان ۾ فوت ٿيا، جنهن کان پوءِ ملڪ اندر ٻوڏ سبب فوت ٿي ويندڙن جو تعداد وڌي 1545 تي پهچي ويو آهي،  جن ۾ سنڌ صوبي اندر فوت ٿيلن جو تعداد 678، بلوچستان ۾ 299، خيبر پختونخوا ۾ 306، پنجاب ۾ 191 فوتي  شامل آهن، ان کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ 48 ۽ گلگت ۾ 22 ڄڻا فوت ٿيا آهن، رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪل 12735 ڪلوميٽرن تائين روڊ تباهه ٿيا آهن، جن ۾ سنڌ صوبي اندر 8398 ڪلوميٽر، خيبر پختونخوا ۾ 1575، پنجاب ۾896 ۽ بلوچستان ۾ 1850 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿيا، 16 سيپٽمبر تائين ڪل 19 لک 21 هزار 622 گهر مڪمل ۽ جزوي طور تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جن ۾ سنڌ صوبي اندر مڪمل توڙي جزوي طور متاثر ٿيل گهرن جو تعداد 17 لک 2 هزار 162 آهي، جن ۾ 9 لک 97 هزار 641 جزوي ۽ 6 لک 83 هزار 890 مڪمل طور تي تباهه ٿيل گهر شامل آهن، ڪالهه تائين 9 لک 97 هزار 615 گهراڻن ۾ في ڪس 25 هزار رپيا روڪ امداد تقسيم ٿي چڪي آهي، جن تي 24 ارب 94 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم لڳي آهي، سنڌ صوبي جي 6 لک 69 هزار 123 گهراڻن مان 5 لک 97 هزار 312 گهراڻن کي روڪ امداد ڏني آهي. شروعاتي ڪاٿي موجب سڄي ملڪ ۾ 11 لک 35 هزار 660 گهراڻن ۾ 28 ارب 39 ڪروڙ 15 لک رپيا ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ 28 ارب واري رقم وڌائي 70 ارب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.