ڪوئيٽا (م ڊ) ريلوي ۽ هوا بازي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ٻوڏ جو پاڻي ختم ٿيندي ئي ريلوي ٽريڪ بحال ڪري ڇڏينداسين. وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جي صدارت هيٺ ڪوئيٽا ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊي ايس ريلوي  وفاقي وزير کي ٻوڏ صورتحال بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن ٽريڪ جو جائزو ورتو آهي، ٻوڏ سبب ريلوي ٽريڪ متاثر ٿيا، اڃا تائين ٽريڪ پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته ٽريڪ بحال ڪرڻ واري ڪم ۾ رُڌل آهي. هن چيو ته ڪوئيٽا تفتان ٽريڪ 104 هنڌن وٽ متاثر ٿيو آهي، جنهن کي 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪنداسين، بولان ۾ لڙهي ويندڙ پل جي مرمت لاءِ به ڪجهه وقت گهرجي، ڊيرا الهيار کان جيڪب آباد تائين 11 ڪلو ميٽر ٽريڪ پاڻي هيٺ آهي ۽ پاڻي لهندي ئي نقصان جو اندازو لڳائي مرمت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيندايسن. خواجا سعد رفيق چيو ته سبي برنائي ريلوي ٽريڪ تي 4 سال گذرڻ کانپوءِ به ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي پر جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهيو اسان ريلوي ٽريڪ بحال ڪنداسين، هن چيو ته ڪوئيٽا هوائي اڏي جو به جائزو وٺنداسين ۽ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن جي اپگريڊيشن جي لاءِ قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين،  گوادر ۾ ريلوي آفيس قائم ڪئي پئي وڃي، گوادر ۾ اسان وٽ 285 ايڪڙ زمين موجود آهي.