ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )گرينڊ هيلٿ الائنس پاران مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف اڄ 9 جنوري کان هڪ ڀيرو ٻيهر اسپتالن ۾ روزانو 2 ڪلاڪن تائين ٽوڪن هڙتال شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڪالهه گرينڊ هيلٿ الائنس جو ڊاڪٽر محبوب نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اين آءِ سي ايچ ۾ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾فيصلو ڪيو ويو ته گرينڊ هيلٿ الائنس سان حڪومت پاران ڪيل واعدا پورا نه ٿيڻ خلاف اڄ کان صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ روزانو 2 ڪلاڪ ٽوڪن هڙتال ڪئي ويندي. ڊاڪٽر محبوب نوناري چيو ته جڏهن ته 13 جنوري کان صوبي جي سمورين اسپتالن کي تالا لڳائي احتجاج شروع ڪيو ويندو، هن چيو ته ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود رسڪ الائونس سميت الائونس بحال نه ڪيا ويا آهن، هن چيو ته جيستائين اسان جا مطالبا منظور نه ڪيا ويندا تيستائين اسپتالن جو بائڪاٽ جاري رکنداسين.