ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو ) سنڌ سرڪار ڪورونا ڪيس وڌڻ سبب 17 مئي تائين اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين سميت سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، خميس 29 اپريل کان صوبي جي هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ بند رهندي. سرڪاري آفيسن ۾ رڳو 20 سيڪڙو اسٽاف اچي سگھندو، جڏهن ته خانگي ادارا 50 سيڪڙو اسٽاف گهرائي سگهندا، سمورا ڪاروباري مرڪز صبح 10 کان شام 6 تائين کليل رهندا، شام 6 کانپوءِ ڪاروبار مڪمل بند ٿي ويندو. ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ وفاق کان ٽرينون، جهاز ۽ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ پڻ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اجلاس ۾ صوبي اندر ڪورونا جي تفصيلي صورتحال، صحت جي سهوليتن، ويڪسين، آڪسيجن، وينٽيليٽر ۽ آءِ سي يو وارڊن جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، اجلاس جي فيصلن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ڪورونا جا ڪيس وڌن پيا، پنهنجي ماڻهن جي زندگين سان کيڏي نٿو سگھان، مون تي ڀلي ڪهڙا به الزام لڳايا وڃن پر آئون پنهنجي صوبي جي ماڻهن جي صحت جي حوالي سان فيصلا ڪندو رهندس. وڏي وزير چيو ته سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪول بند ڪيا ويا آهن، خميس کان صوبي اندر هڪ شهر کان ٻئي شهر وچ ۾ هلندڙ ٽرانسپورٽ بند ڪئي ويندي، هن چيو ته شهرن ۾ هلندڙ ٽرانسپورٽ وارن ايس او پيز جو خيال نه ڪيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو، شهرن ۾ هلندڙ ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو مسافرن کي سفر جي اجازت هوندي، هن چيو ته هي ڪرڪيٽ راند ناهي پر ڪورونا جي صورتحال آهي، منهنجو ڀلي مذاق اڏايو وڃي پر خدارا وبا کي سنجيده ورتو وڃي. هن چيو ته وفاقي سرڪار کي درخواست ٿو ڪريان ته ان عمل کي سنجيده ورتو وڃي. مون ٻين صوبن جي وڏي وزيرن سان ڳالهايو آهي ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائي وڃي، جڏهن ته ٽرينون توڙي انٽرنيشنل فلائيٽون به بند ڪيون وڃن، وڏي وزير چيو ته اسان صوبي ۾ سماجي، سياسي ۽ مذهبي سرگرمين تي پڻ پابندي جو اعلان ڪريون ٿا، مسجدن ۾ پڻ ايس او پيز جو خيال ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته گڊز ٽرانسپورٽ ۽ صنعتون کليل هونديون، ڪنهن صنعتي يا خانگي اداري ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته ان کي سِيل ڪيو ويندو. هن چيو ته صبح جو 10 کان شام 6 وڳي تائين مارڪيٽون کليل هونديون، ، جنهن به مارڪيٽ ۾ ڪيس وڌيا ته ان کي سيل ڪيو ويندو، جنهن به دڪان اندر گنجائش جي اڌ کان وڌيڪ گراهڪ اچڻ ڏنا ويا ته انهي دڪان کي به سيل ڪنداسين. وڏي وزير چيو ته سرڪاري آفيسن ۾ موڪل ناهي، 20 سيڪڙو ملازم آفيسن ۾ ايندا ۽ ٻيا گھر ويهي آفيس جو ڪم ڪار ڪندا، ڪنهن به وقت ڪنهن به ملازم جي ضرورت پئي ته ان کي آفيس گھرائي سگهبو. هن چيو ته هوٽلن ۽ ٻين ريسٽورنٽس تي ويهي ماني کائڻ تي پابندي هوندي، رڳو هوم ڊليوري جي اجازت هوندي. هن چيو ته جيلن اندر قيدين جي ملاقاتن تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي، وڏي وزير چيو آهي ته وفاق گھربل ويڪسين نه پيو ڏئي، اسان چين کان ويڪسين گھرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر چين به وفاق کي ئي ويڪسين مهيا ڪري رهيو آهي، صوبن کي ويڪسين نه پيو ڏئي. مراد علي شاھ چيو ته ڪورونا صورتحال خطرناڪ ٿي سگھي ٿي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت قدم نه کڻندي ته مجبور ٿي سنڌ سرڪار پاڻ قدم کڻندي.

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز تحت لڳايل نون پابندين وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ جيل ۾ قيدين سان ملاقاتن تي پابندي ھوندي، سمورا نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا، ٽريننگ انسٽيٽيوٽ بند رھندا، جڏھن ته شادي ھال، ڪاروباري مرڪز ۽ ايڪسپو ھال به بند رھندا. نوٽيفڪيشن موجب راندين جي سمورين سرگرمين تي پابندي ھوندي، پارڪ، ٿيم پارڪ، وڊيو گيم ۽ ڊبو تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي، بيوٽي پارلر، سينيما، ٿيٽر، درگاھون ۽ ھوٽلون بند رھنديون، ھوٽلون صرف پارسل ڏئي سگھنديون. نوٽيفڪيشن موجب آفيسن ۾ 20 سيڪڙو ملازم ۽ وقت صبح جو 9 کان 2 وڳي تائين ھوندو، ڪاروبار جو وقت به صبح جو 6 کان شام جو 6 وڳي تائين ھوندو ، افطاري کان سحري تائين ڪاروباري سرگرمين تي پابندي لاڳو ھوندي، انھي پابندي کان پيٽرول پمپ، بيڪري، کير جا دڪان ۽ ميڊيڪل اسٽور آجا ھوندا، جمعي ۽ آچر تي مڪمل طور لاڪ ڊائون ھوندو. 30 اپريل کان انٽراسٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪئي ويندي، شھر اندر ھلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو مسافر کڻي سگھندا ۽ ماسڪ لازمي ھوندو، گڊز ٽرانسپورٽ پابندي کان آجو آھي. نوٽيفڪيشن موجب نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ اليڪٽو سرجري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، عام نوعيت جا آپريشن نه ٿي سگھندا، اليڪٽو سرجري تي پابندي آڪسيجن بچائڻ لاءِ لاڳو ڪئي وئي، اسپتالن ۾ ايمرجنسي نوعيت جا آپريشن ٿي سگھندا. نوٽيفڪيشن موجب تراويح، يوم علي ۽ مذھبي عبادتون کليل ميدان تي ٿينديون ۽ گھٽ ماڻھو شريڪ ٿي سگھندا