ڀارت ۾ ڪورونا بي قابو، 2771 مريض موت جو شڪار

0
453

نئين دھلي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران هڪ ڀيرو وري 3 لک کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون آيا آهن، انڊيا جي صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 323144 نوان مريض سامهون آهيا جڏهن ته 2771 مريض موت جو شڪار ٿي ويا، انڊيا ۾ ڪورونا جي ٻي لهر تباهي مچائي رکيل آهي ۽ گذريل هڪ هفتي کان هر روز ٽن لکن کان وڌيڪ ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، انڊيا جي صحت واري وزارت موجب ڀارت ۾ مجموعي طور 17636307 ماڻهو ڪورونا کان متاثر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ لک 97 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا، دهلي، ممبئي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ اسپتالن ۾ مريضن کي داخل ڪرڻ جي گنجائش به ختم ٿي وئي ۽ ملڪ ۾ آڪسيجن جي فراهمي جو به سنگين بحران جاري آهي.