سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 9 جون تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان، گرفتار ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن: اڳواڻ

0
261

حيدرآباد: سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ڌرڻي تان موڙندڙ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ تشدد خلاف 9 جون تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، صنعان قريشي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته باهه جو تماشو بحريه انتظاميه ۽ پ پ سرڪار گڏجي ڪيو ته جيئن پرامن احتجاج کي ناڪام ڪن ۽ بي گناهه ڪارڪنن کي گرفتار ڪري چالان ڪن پر هي جدوجهد جو پهريون عمل هو، سڄي سنڌ بحريه ٽائون جي زيادتين خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. اڳواڻن چيو ته اسان جي پرامن ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف 9 جون تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو ۽ سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. اڳواڻن گرفتار ڪارڪنن جي فوري آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته گرفتار ڪارڪنن کي اڄ رات تائين آزاد ڪيو وڃي.