سکر: پابندي مڙھيل تنظيم جو انتھائي گھربل دھشتگرد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

0
168

سکر: سکر سي ٽي ڊي پوليس ايئرپورٽ ويجھو ڪاروائي ڪندي پابندي مڙھيل تنظيم جي انتھائي گھربل دھشتگرد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ترجمان سي ٽي ڊي موجب پابندي مڙھيل بي ايل اي جي انتھائي گھربل دھشتگرد جي خدا بخش ولد جاڙو خان مري طور سڃاڻپ ٿي آهي. گرفتار دھشتگرد پابندي مڙھيل تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي جي تربيت ڪئمپ جو نائب ڪمانڊر رھيو آھي. ابتدائي جاچ ۾ جوابدار دھشتگرد ڪاررواين جو اعتراف ڪيو آھي. ترجمان چيو ته گرفتار دھشتگرد بلوچستان جي مختلف شھرن ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث رھيو آھي. دھشتگردي وارداتن بعد جوابدار ساٿين سميت ھٿيار ڪوھلو ۾ لڪائي فرار ٿي ھتي پھتو.