ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن هڪٻئي مٿان ڪرپشن، عوام جا مسئلا حل نه ٿيڻ ۽ پنهنجا نوازي جا الزام هڻندي چيو آهي ته ايمانداري سان بجيٽ جو استعمال ٿئي ته ماڻهن جا سمورا بنيادي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا، اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ پري بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي رياض حيدر چيو ته صوبي جي هر يوسي ۾ بي ايڇ يو جي ضرورت آهي. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته اسان کي مامون بڻايو پيو وڃي، اسان کي ٿرڊ ڪوارٽر ( 3 ٽه ماهي ) جي رپورٽ نه ڏني وئي. پ پ جي ايم پي اي حنا دستگير چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي، وفاق هميشه سنڌ کي پئسا گهٽ ڏنا آهن، سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ڪم ڪرائي رهي آهي، آئون مخالف ڌر جي ايم پي ايز کي چوان ٿي ته اهي وفاق تي زور ڀرين ته سنڌ کي سندس حصي جي رقم ڏئي ، ايم ڪيو ايم جي رابعه خاتون چيو ته ڪراچي شهر زبون حال آهي، ٽينڪر مافيا پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي، عوام کي پاڻي نٿو ملي، ٽينڪر مافيا کي ختم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، پهرين ڪچري جي ذميواري ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي تي وڌي ويندي هئي، هاڻي ڪچري جو ذميوار ڪير آهي؟ ڪراچي سميت هر ضلعي ۾ بزنس سينٽر ٺهڻ گھرجي. ڪراچي کي ميگا سٽي بدران رڪشا سٽي چوندو ته بهتر رهندو. پ پ ايم پي اي برهان چانڊيو چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ قمبر ضلعي جون اسڪيمون رکيون وڃن، هن چيو ته سرڪار ڪڻڪ جيان سارين جي فصل جو به امدادي اگهه مقرر ڪري. جي ڊي اي جي عبدالرزاق راهمون چيو ته حڪمران چون ٿا ته ٿر بدلائيندو پاڪستان، مونکي ٻڌايو ته ٿر کي ڪير بدلائيندو؟ بجلي پيدا ڪندڙ ٿر پاڻ بجلي کان محروم آهي، ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽ خراب آهن، مارچ 2019 ۾ ٿر لاءِ وزيراعظم هڪ ارب جي پاڻي منصوبن جو اعلان ڪيو هو، هينئر 2021 ع هلي پيو پر انهي اعلان تي عمل ناهي ٿيو، عمرڪوٽ کان ڇاڇري تائين روڊ نئين سرتعمير ڪيو وڃي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ وڃون ٿا ته پارٽي وابستگي پڇي ويندي آهي. شاهنواز جدون چيو ته ڪياماڙي لاءِ ايوب خان جي دور ۾ پاڻي جي جيڪا ڪوٽا هئي، ان کي گھٽايو ويو آهي، سنڌ جي دل ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نه ڪيو وڃي، اجلاس دوران پ پ ايم پي اي ممتاز جکراڻي ۽ پي ٽي آءِ جي جمال صديقي هڪٻئي کي ايم پي اي شپ تان استعيفائون ڏئي اليڪشن وڙهڻ جو چيلنج ڏنو. اجلاس جي ڪارروائي هلائيندڙ چيئرمين شرجيل ميمڻ ٻنهي ميمبرن کي مخاطب ٿي چيو ته اهي پنهنجون استعيفائون سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائين، آئون اهي اڄ ئي منظور ڪري اليڪشن ڪميشن کي موڪليان ٿو. ان موقعي تي ممتاز جکراڻي چيو ته آئون پنهنجي اعلان تي قائم آهيان، جڏهن چيئرمين جمال صديقي کان استعيفا جو پڇيو ته هن چيو ته آئون به استعيفا تي قائم آهيان پر اها پارٽي چيئرمين وٽ جمع ڪرائيندس